هارون چنا

هارون چنا

چنا هارون

چنا، هارون: ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ چترڪار هارون چنو ولد محمد لائق، 10 جون 1948ع تي رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. هـارون چـنـي 1972ع ۾ مـاسـٽـر آف ڊزائـننـگ ۾ فـرسـٽ ڪـلاس فـرسـٽ پـوزيـشـن مـاڻـي ۽ حيـدرآباد ۾ ڊزائينـنگ ٽيچرس ڪورس ۾ بہ سڄيءَ سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. هارون چنو 1968ع ۾ قاضي احمد هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ٿيو ۽ 9 جون 2008ع تي رٽائر ڪيائين. سندس پسنديدہ موضوع ادب ۽ آرٽ آهن. هن لطيف سائينءَ جي سورمين ۽ سورمن کي واٽر ڪلر، آئل پينٽ، پين ۽ پينسل سان جيڪا سونهن ۽ زندگي بخشي آهي، سا ڪمال جي آهي. سندس تصويرن ۾ سنڌ جي تھذيب جو سدا بھار حسن جهلڪي ٿو. هن 1981ع ۾ سنڌ آرٽسٽس گلڊ پاران پنهنجن فنپارن جي پهرين نمائش ڪرائي. سندس تصويرن جون نمائشون ڪيترن هنڌن تي ٿينديون رهيون آهن. هن شاعري جي ابتدا 1966ع ۾ ڪئي. سندس پهريون شعر ’هي جھان وارا‘ روزاني ’نواءِ سنڌ‘ اخبار جي ٻارن واري صفحي ۾ شايع ٿيو. هن ڪيترو عرصو ’فقير تارڪ‘، ’سمبل چڪوي‘ ۽ ’امرت‘ جهڙن فرضي نالن سان ڪهاڻيون ۽ مضمون بہ لکيا. هن ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل بہ ڊزائن ڪيا، جن ۾ ’وٺي هر هر جنم وربو‘ ۽ ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل تعريف لائق آهن. هن جي. ايم. سيد، ذوالفقار علي ڀُٽي، شيخ اياز ۽ علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ سميت ڪيترين عظيم شخصيتن جا پورٽريٽ ٺاهيا آهن. وڏي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن رهيو آهي. چڪ ۾ وٽس هڪ وڏي ذاتي لائبرري آهي. سندس ڪجهہ ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.06.10  عيسوي

ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ چترڪار هارون چنو ولد محمد لائق، 10 جون 1948ع تي رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فضل احمد بچاڻي
حاجي محمد رحيم ڪنڀر
جهولڻ شاھہ
بدر ابڙو
سورٺ ٿيٻو
چاچڙ حاجي خان
پير حاجي نظر محمد شاھہ جيلاني
آچر فقير مڱڻهار
آسر فقير
جيلاني شيخ عبدالقادر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون