چنبو ڇڏائڻ: هيءَ راند طاقت آزمائيءَ واري راندين مان هڪ آهي. هن راند ڪرڻ لاءِ ٻہ ڄڻا مقابلو ڪندا آهن، باقي ماڻهو صرف تماشبين هوندا آهن. ڪي بہ ٻہ هڪجهڙي طاقت رکندڙ همراھہ چنبو چنبي ۾ ڏيندا آهن. پوءِ هڪ همراھہ کي ٻئي طرفان چيو ويندو تہ آئون ٿو تنهنجو چنبو قابو جهليان ۽ تون ڇڏاءِ. ان کانپوءِ ڇڏائڻ وارو همراھہ ٻئي هٿ سان چنبي جهليندڙ جي ڪرائيءَ ۾ هٿ وجهي، پنهنجو چنبو ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي. ان بعد ٻنهي همراهن جي وچ ۾ نهايت زوردار ڇڪ ڇڪان ٿيندي آهي. هيءَ راند هم عمر جوڙو رچائي سگهي ٿو. هن راند ۾ جسم جي ڪافي ورزش ٿيندي آهي.