چنجڻي (ذات): چنجڻي سمن جو هڪ پاڙو آهي. هن ذات وارا لاڙڪاڻي، نصيرآباد ۽ خيرپور جي آسپاس اڪثريت سان آباد آهن. چنجڻين مان حاجي خانڻ چنجڻي مشھور عوامي شاعر ٿي گذريو آهي، جڏهن تہ هن ذات ۾ علم ۽ ادب جو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي. حسين چنجڻي، ثناءُ ﷲ عتيق چنجڻي ۽ خادم چنجڻي نون ليکڪن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿين ٿا.