چندرو آتما

چندرو آتما

چندرو آتماچندرو آتما

چندرو آتما: هندستان جي مشھور ۽ معروف سنڌي گائڪ، چندرو آتما جو جنم 17 سيپٽمبر 1938ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سندس سڄو نالو چندر هشمتراءِ چئناڻي هو. هي پنھنجي وڏي ڀاءُ سي ايڇ آتما وانگر سنڌي گائڪي ۾ وڏو نالو ۽ حيثيت رکي ٿو. هن جو آواز مشھور گائڪ ڪي ايل سهگل سان ملندڙ هئڻ ڪري ڪافي پسند ڪيو وڃي ٿو. چندرو آتما هندستان کان سواءِ يورپ ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هي دور درشن ۽ آل انڊيا ريڊيو تي سنڌي، هندي ۽ راجسٿاني فلمن ۾ ڳايو آهي. کيس پوئين عمر ۾ جئہ هند ممبئيءَ ۾ آرٽس ۽ ميوزڪ جو اعزازي پروفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هي سنڌي، هندي ۽ راجسٿاني فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڳائي چڪو آهي. چندرو آتما جون هيل تائين ڪافي سيڊيون ۽ ڪيسٽون پڻ جاري ٿي چڪيون آهن، جن ۾ سنڌي گيت، ڪلام، ڀڄن ۽ غزل شامل آهن. سندس مشھور ڪئسٽن جا عنوان هي آهن: (1) نوان سنڌي راڳ (1985ع)، (2) سچل جا ڪلام (1980ع)، (3) جيئي جهولي لال (1990ع) ۽ (4) پيار (1998ع). چندرو آتما کي گائڪيءَ سبب ڪيترا اوارڊ ۽ اعزاز بہ مليا آهن، جن ۾ (1) گولڊن وائس، آرٽس گلڊ بمبئيءَ طرفان (1976ع)، (2) ’جئہ ديو‘ راجستان سرڪار طرفان (1988ع)، (3) راجيشور اوارڊ، سر سنگر سمساد طرفان (1990ع).
هي راڳ کي عبادت سمجهندو آهي. هن وقت بمبئي ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.09.17  عيسوي

هندستان جي مشهور ۽ معروف سنڌي گائڪ، چندرو آتما جو جنم 17 سيپٽمبر 1938ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عالمگير
شمشاد بيگم
رفيق فقير
اڪرم علي ملاح
سوڍل فقير لغاري
علي حيدر
امام بخش زرداري
دين محمد شيخ 2
شھزاد راءِ
سهراب فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون