چندرڪانت2 (راڳڻي): هي ڪلياڻ ٺاٺ جي کاڍو سمپورن راڳڻي آهي. آروهيءَ ۾ مڌم ورج ۽ امروهي سمپورن آهي، يعني هن ۾ سڀ سر لڳندا. هن وادي سُرگنڌار آهي ۽ ان جي ڳائڻ جو وقت شام آهي. ايمن ڪلياڻ ۾ بہ اهي سڀ خاصيتون آهن، ان ڪري چندر ڪانت ايمن ڪليان ۽ شڌ ڪلياڻ سان تمام گهڻي مشهابهت رکي ٿي، جنهنڪري گهٽ ڳائڻ ۾ اچي ٿي. لڪش سنگيت جي مصنف لکيو آهي. تہ هڪ ٺاٺ جون گهڻيون راڳڻيون هجن تہ ڪو فرق نٿو پوي، رڳو انهن راڳڻين جا وادي ۽ سموادي سر مقرر ڪيا وڃن، پر چندر ڪانت جا وادي ۽ سموادي سر مقرر نہ ڪيا ويا آهن، ان لاءِ ايمن ڪلياڻ کان هن راڳڻيءَ کي الڳ ڪري سگهجي ٿو. ايمن ڪلياڻ جي آروهي ۽ امروهي ٻئي سمپورن آهن، جڏهن تہ چندرڪانت جي آروهي ۾ مڌم جو سر ورج بہ آهي. ٻيا سڀ سُر شڌ آهن، جڏهن تہ هيءَ راڳڻي شام جي وقت ڳائي ويندي آهي. هن جي آروهي سا-ري- گي- پا- ڌي- ني- سا ۽ امروهي سا- ني- ڌي- پا- مي گي- ري- سا.