
راڻو چندر سنگهه
چندر سنگهہ، راڻو: مشھور سياستدان ۽ اقليتي اڳواڻ راڻو چندر سنگهہ، 1931ع ڌاري عمرڪوٽ کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مشھور ڳوٺ راڻا جاگير ۾ راجپوتن جي چووهين راڻي ارجڻ سنگهہ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. راڻو ارجڻ سنگهہ، مسلم ليگ جو سرگرم اڳواڻ ۽ قيام پاڪستان تحريڪ ۾ تڏهوڪي ٿرپارڪر جي 75 سيڪڙو آباديءَ جي حمايت سان اڳڀرو رهيو. راڻي چندرسنگهہ پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ ’دهرادون‘ (ڀارت) ويو، جتان سر شاهنواز ڀُٽي ۽ پيلو موديءَ کان سواءِ ٻين مشھور ماڻهن بہ اعليٰ تعليم پرائي هئي. راڻو چندر سنگهہ اڃا 16 سالن جو مس هو تہ سندس والد راڻي ارجڻ سنگهہ وفات ڪئي. ان ڪري راڻو چندرسنگهہ ننڍيءَ عمر ۾ ئي 1946ع ڌاري راڻن جي گاديءَ تي ويٺو. راڻو چندرسنگهہ ڍاٽ جي راجپوتن جون پنجويهون راڻو هو. هن شڪار، گهوڙي سواريءَ، نشاني بازيءَ ۽ ملھہ راند جي سکيا ننڍپڻ ۾ ئي ورتي هئي. سندس شادي ’راوتسر‘ جي شاهوڪار گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان ٿي.
راڻو چندر سنگهہ، شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو پراڻو ساٿي هو. هن پوري سياسي ڄمار ۾ ڪڏهن بہ ڪا اليڪشن نہ هارائي. 1953ع ۾ پاڪستان جي پهرين چونڊ وقت راڻي چندرسنگهہ جي عمر گهربل حد کان فقط ڇھہ مهينا گهٽ هئي. تنهنڪري هن پنھنجي رشتيدار سوائي سنگهہ کي چونڊ ۾ ڪامياب ڪرايو. 1956ع ۾ هيءُ صوبائي اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو. هيءُ پهريون غير مسلم سياستدان هو، جنهن کي وزارت ملي ۽ کيس اريگيشن کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. ڀُٽي صاحب جي سياسي خيالن کان متاثر ٿي، راڻي چندر سنگهہ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سيد مظفر حسين شاھہ جي والد سيد غلام حيدر شاھہ جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻيائين. ونيونٽ ٽُٽڻ کانپوءِ ٿيل 1970ع وارين عام چونڊن ۾ هيءُ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1971ع جي پاڪ- ڀارت جنگ دوران هتي جا راجپوت اڪثريت ۾ هندستان لڏي ويا. جنگ جي خاتمي کانپوءِ انهن کي واپس آڻڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀُٽي، راڻا چندرسنگهہ جي اڳواڻيءَ ۾ چونڊيل نمائندن جو هڪ وفد هندستان موڪليو، جنهن ۾ راڻي چندرسنگهہ جا ٽي دوست غلام رسول شاھہ جيلاني، مير علي بخش خان ٽالپر ۽ خانصاحب عبدالڪريم پلي شامل هئا. ان کان سواءِ بہ راڻو چندرسنگهہ هر وقت ٻنهي ملڪن ۾ ڀائيچاري قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون واسطيداريون استعمال ڪندو رهيو. پاڪستاني سياست جي وڏن نالن ذوالفقار علي ڀُٽي، پير صاحب پاڳاري، شھيد بينظير ڀٽو، نوازشريف، غلام مصطفيٰ خان جتوئي، حاڪم علي خان زرداري، پير غلام رسول جيلاني، مير علي بخش ٽالپر ۽ ٻين سان سندس دوستاڻي سياسي وابستگي رهي.
راڻي چندرسنگهہ جي سَس، لڪشمي ديوي بہ هندستان جي پارليامينٽ جي ميمبر رهي چڪي آهي ۽ سندس سنڍو وي. پي. سنگهہ، هندستان جو وزيراعظم بہ رهي چڪو آهي. راڻي چندرسنگهہ بابت مشھور آهي تہ هن ڪڏهن بہ چونڊ نہ هارائي. هن 1985ع وارين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو، جڏهن تہ 1988ع واري چونڊ ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. هو زراعت ۽ روينيو کاتي جو وفاقي وزير ۽ ’اقليتن واري قومي ڪميشن‘ جو چيئرمئن بہ رهيو.
1988ع وارين عام چونڊن دوران عمرڪوٽ جي لانٻي تلاءُ واري ميدان ۾ شاندار جلسي ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ هن يادگار تقرير ڪئي هئي. هن لاءِ مشھور آهي تہ هُو ڪڏهن بہ ووٽ گهرندو ڪونه هو، پر هر اليڪشن ۾ اڪثريت سان کٽيندو هو. چونڊ جلسن دوران سندس ڪيل سڀ تقريرون رڪارڊ تي موجود آهن. راڻو چندرسنگهہ، پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان لڳاتار ست ڀيرا چونڊون کٽيون ۽ ايم. اين. اي بڻيو. سندس سياسي مدمقابل کٽو مل جيوڻ هوندو هو. 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ سان ڪي اختلاف ٿي پيس، سندس پٽ هميرسنگهہ جي خلاف داخل ڪيس بہ ان اختلاف جو سبب هو، پوءِ هن ’پاڪستان هندو پارٽي‘ نالي هڪ نئين پارٽي ٺاهي. هڪ اقليتي هندو هئڻ جي باوجود هن 53 سالن جي سياسي ڪيريئر ۾ مسلسل ڪاميابيون حاصل ڪيون. راڻي چندرسنگهہ جي اولاد ۾ ڪنور همير سنگهہ، ڀوپال سنگهہ، ڊاڪٽر پريتپال سنگهہ، نياڻي سنگيتا آهن.
پاڪستان جي هن بيباڪ سياستدان، پهرين آگسٽ 2009ع ۾ 78 سالن جي ڄمار ۾پرلوڪ پڌاريو. سندس وفات کان پوءِ راڻن جي گاديءَ تي سندس موڀي پُٽ ڪنور هميرسنگهہ کي ڍاٽ جي راجپوتن جو ڇويهون راڻو مقرر ڪري پڳ ٻڌائي وئي.
2009.08.01 عيسوي
هن بيباڪ سياستدان، پهرين آگسٽ 2009ع ۾ 78 سالن جي ڄمار ۾پرلوڪ پڌاريو.