چندر پٽ سيلائج: چندر بن سيلائج پنھنجي پيءُ سيلائج ۽ پنھنجي ڀاءُ چچ وانگر وڏو راهب ۽ ڀڳت هو. هن جڏهن راءِ سهاسيءَ جي ڀاءُ مهرٿ کان جنگ کٽي، اروڙ کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو، تڏهن ڪجهہ ڏينهن جشن ملهائڻ کانپوءِ چچ اروڙ ۾ پنھنجي ڀاءُ چندر کي نائب مقرر ڪري گاديءَ واري هند هليو ويو. چندر راهبن جو سردار هو. هن اروڙ ۾ گورنر مقرر ٿيندي ئي ڪيترا فلاحي ڪم ڪيا، عوام تي مڙهيل اجايا ٽئڪس معاف ڪيا. هڪ متڪبر وزير جي سوال تي چندر جواب ڏنو تہ غريب مسڪينن جو احساس انهيءَ کي ٿيندو، جيڪو غربت جي حال مان گذريو هوندو. عوام چندر پٽ سيلائج مان ايڏو تہ خوش هئا، جو سندس مرڻ کان ترت پوءِ عوام جي رضامنديءَ سان چندر بادشاھہ بڻيو. چندر جي بادشاھہ ٿيڻ کانپوءِ سيوستان (سيوهڻ) جو راجا متو، ڪنوج جي راجا ڪنوج سيهرس بن راسل ڏانهن ويو ۽ چندر کان حڪومت ڦرڻ لاءِ صلاح ڏنائين. ڪنوج جي راجا سهيرس ۽ راجا متي ملي چندر تي حملو ڪيو، پر چندر کي فتح حاصل ٿي ۽ راجا سيهرس ۽ راجا متو چندر جا فرمانبردار ٿيا. ڪجهہ سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ چندر وفات ڪئي، جنهن کانپوءِ چچ جو پٽ راجا ڏاهر تخت تي ويٺو.