چندر گپت موريا

چندر گپت موريا

چندر گپت موريا

چندر گپت موريا: چندر گپت موريا هندستان جو ناليوارو بادشاھہ هو ۽ 340 ق. م ۾ ڄائو هو. هن موريا شهنشاهت جو بنياد رکيو هو. چندر گپت کي ننڍي کنڊ جي ڪافي حصي کي فتح ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. کيس هندستان جو پهريون حقيقي بادشاھہ سمجهيو ويندو آهي. چندر گپت جي فتح موريا شهنشاهت کي مشرق ۾ بنگال کان آسام تائين مغرب ۾ افغانستان ۽ بلوچستان تائين، اتر ۾ ڪشمير کان نيپال ۽ ڏکڻ ۾ ڊيڪن واري پوٺي تائين وڌايو.
انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا، جلد ٻئي (ص 799) ۾ لکيل آهي تہ چندر گپت موريا 321 ق. م کان 297 ق. م تائين، هندستان تي راڄ ڪيو. هن موريا گهراڻي جي حڪومت جو بنياد وڌو. هي پهريون شهنشاھہ هو، جنهن ذري گهٽ سڄي هندستان کي هڪڙي راڄ هيٺ آندو. چندر گپت جو پيءُ بھار جي علائقي ۾ پنھنجي قبيلي جو سردار هو، جيڪو هڪ قبيلي سان لڙائي ڪندي گذاري ويو، جنهن بعد سندس مامن کيس وڃي هڪڙي دراڙ وٽ ڇڏيو، جنهن کيس پنھنجي پُٽ طور نپائي وڏو ڪيو. پوءِ هن کي هڪڙي شڪاريءَ کي وڪيو ويو، جتي هو هن جو مال چاريندو هو. جڳ مشھور سياسي دانشور پنڊت ڪوٽليه چاڻڪيه کيس سندس مالڪ کان خريد ڪري ٽئڪسيلا (جيڪو پاڪستان ۾ آهي) وٺي ويو. پنڊت چاڻڪيا اتي کيس فوجي حرفتن ۽ ثقافتي فنن جي تعليم۽ تربيت ڏني. جڏهن سڪندراعظم هندستان تي حملو ڪيو، تڏهن هن ڪنهن طرح وڃي کيس ڏٺو. پنڊت چاڻڪيا جي صلاح سان هن هتان هُتان ماڻهو گڏ ڪري، انهن کي سپاهي بڻائي، ماڻهن کي پنھنجي پاسي ڪري، ان وقت جي نندا گهراڻي جي حڪومت جو انت آندو ۽ سندن فوجن جي ڪمانڊر ڀدراسالا کي شڪست ڏني، ۽ سڪندراعظم جي فوجن جي والاريل ڪيترن علائقن کي آزاد ڪرايو. 325 ق. م ۾ هُو بھار جي مگڌ جي بادشاهت جي تخت تي ويٺو. هن پنھنجي انتظام کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هڪڙي طاقتور ڳجهي فوج (سيڪريٽ سروس) جو انتظام رکيو. جڏهن سڪندر 323 ق. م ۾ گذاري ويو، ان کان هڪڙو سال اڳ سندس ٻہ جرنيل بہ هندستان ڇڏي ويا ۽ چندر گپت 322 ق.م ڌاري پنجاب جي حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ پنھنجي شهنشاهيت کي ايران جي سرحد تائين پهچايائين. هن 305 ق. م ۾ سڪندراعظم جي مشھور جرنيل سليوڪس نيڪتور سڪندر جي ڇڏيل ايشيائي شهنشاهيت تي ٻيهر قبضي ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو. چندر گپت ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ان کانپوءِ هي 6 لک فوج وٺي، پهريائين ڏکڻ طرف وڌيو. جبلن جي قطار اڪري ڏکڻ هندستان تي قبضو ڪيائين ۽ پوءِ وري اتر طرف وڌي هماليہ جبل اُڪري ڪابل جي گاديءَ تي حملہ آور ٿيو. چندر گپت جي شهنشاهيت تاريخ جي سڀ کان وسيع شهنشاهيت مان هڪڙي هئي. ان شهنشاهتن جي سربلنديءَ ۽ ٻن نسلن تائين قائم رهڻ جا ٻہ سبب اهي بہ هئا، تہ هن پنھنجي شهنشاهت جو انتظامي نقشو ايران جي هخامشي شهنشاهت ۽ پنڊت چاڻڪيا جي سياست جي ڪتاب ’ارٿ شاستر‘ جي بنيادن تي رکيو هو.
چندر گپت موريا دنيا جي ڳاڻ ڳڻين جرنيلن ۽ شهنشاهن مان هڪ هو، جنهن ثابت ڪري ڏيکاريو تہ جيڪڏهن ڪو پورهيت ماڻهو سچار، ايماندار، دلير ۽ وطن دوست سپاهي بنجي ٿو ۽ سياسي ڏاهپ سان اڳتي وڌي ٿو تہ ضرور ڪامياب ٿئي ٿو.
چندر گپت موريا جي ابتدائي زندگي: چون ٿا تہ ٽيڪسيلا يونيورسٽيءَ جو استاد چاڻڪيه چندر گپت جي شاگرديءَ واري عرصي ۾ کانئس متاثر ٿيو، جڏهن هن ڏٺو تہ چندرگپت موريا پنھنجي دوستن سان کيڏيو پئي ۽ پاڻ بادشاھہ جو ڪردار ادا ڪندي هڪ مجرم کي انصاف وٺي ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي تہ سندس اندر جي سچائيءَ، منصفانه سوچ چاڻڪيه کي ڏاڍو متاثر ڪيو، چاڻڪيه سندس ماءُ وٽ آيو ۽ کيس چيو تہ هن کي تعليم ڏيار. هوءَ کيس بادشاھہ ڏانهن وٺي وئي، جيڪو سندس ذهانت کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ پنھنجي وزير کي حڪم ڏنائين تہ چندر گپت موريا کي ٽيڪسيلا يونيورسٽيءَ پڙهڻ لاءِ موڪليو وڃي.
موريا سلطنت جو بنياد: چندر گپت چاڻڪيه جي مدد سان ’چندر ونسي‘ قبيلي ۽ ’مگڌ‘ جي سلطانن کي شڪست ڏني، گنڌارا ۾ سڪندراعظم جي فوجي جنرلن کي بہ شڪست ڏنائين.
چاڻڪيا ۽ چندر گپت موريا: چاڻڪيه چندر گپت موريا جو وڏو وزير هو. چندر گپت موريا سندس مدد سان موريا شهنشاهت جو بنياد رکيو. تيز فھم چاڻڪيه چندر گپت موريا کي ’ناندا شهنشاهت‘ کي فتح ڪرڻ لاءِ وڏو منصوبو ٺاهي ڏنو، جيڪو ڪامياب ثابت ٿيو ۽ هن ناندا شهنشاهت فتح ڪئي.
مقدونيه رياستن جي فتح: سڪندر اعظم جي موت کان پوءِ 323 ق. م ۾ هن پنھنجي ڌيان جو مرڪز اتر اولھہ هندستان کي بنايو. چندر گپت اڃا 20 سالن جو مس هو، تڏهن هن مقدونيه جي ستراپيز (Satrapies) کي شڪست ڏني ۽ هندستان ۾ نندا شهنشاهت کي فتح ڪري، هڪ وسيع شهنشاهت جو بنياد رکيو، جيڪا بنگال جي اپسمنڊ کان وٺي سنڌو نديءَ تائين پکڙيل هئي.
چندر گپت يونان جي هڪ شهزاديءَ سان شادي ڪئي، جيڪا ’سيلڪس‘ جي ڌيءَ هئي، زندگيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هن تخت ڇڏي ڏنو ۽ هڪ درويش ’بھادر اباهوءَ‘ کان مذهبي سکيا ورتائين. نفساني خواهشن کي ترڪ ڪيائين ۽ روايت آهي تہ ان درويش جي غار ۾ روزي (برت) جي حالت ۾ وفات ڪيائين.


لفظ چندر گپت مورياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو