چندناڻي، ارجن (سي. ارجن)

چندناڻي، ارجن (سي. ارجن)

چندناڻي ارجن (سي ارجن)

چندناڻي، ارجن (سي. ارجن): هندي ۽ سنڌي فلمي دنيا ۾ ڪي ڳاڻ ڳڻيا سنڌي ميوزڪ ڊائريڪٽر داخل ٿيا آهن، جن ۾ بلوسي راڻيءَ جو پيءُ چنديرام، بلو. سي. راڻي، گلشن صوفي ۽ چندناڻي ارجن عرف عام ۾ ’سي. ارجن‘ جا نالا قابل ذڪر آهن، جن هندي ۽ سنڌي فلمن ۾ سنگيت ڏئي، پنهنجين نرالين ڌُنن، طرزن ۽ بندشن سان فلمي موسيقيءَ کي اوج وٺايو آهي.
موسيقار سي. ارجن پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ ۾ 1958ع ۾ سنگيت ڏنو. سي. ارجن ڀارت ۾ ٺهيل وڌ ۾ وڌ سنڌي فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني آهي. سي. ارجن پنھنجي موسيقيءَ جو دائرو صرف سنڌي فلمن تائين محدود نہ رکيو، هن ڪيترين هندي فلمن ۾ بہ موسيقي ڏني. هندي فلمن مان فلم ’جئہ سنتوشي ما‘ سي. ارجن جي موسيقيءَ جي لئنڊمارڪ آهي. هن فلم جا گيت گهر گهر جا گيت بڻجي پيا. موسيقيءَ جي عوامي مقبوليت سبب فلم ’سنتوشي ما‘ باڪس آفيس جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڪيترن شهرن ۾ تہ ان جي سلور جوبلي ۽ گولڊن جوبلي ملهائي وئي. فلم موسيقيءَ سبب ايڏي تہ ڪامياب وئي، جو ماڻهن سنتوشي ماءُ جو ورت رکڻ شروع ڪيو. ’سنتوشي ما‘ کان سواءِ سي. ارجن ٻين ڪيترن هندي فلمن ۾ موسيقي ڏني ۽ سندس ٺاهيل طرزون/ ڌُنون ڏاڍيون مقبول ٿيون.
هن طلعت محمود ۽ محمد رفيع کان هڪ فلم ۾ دوگانو بہ ڳارايو. سي. ارجن فلم جون ڌنون پهرين ٺاهيندو هو، پوءِ ان ڌن جي آڌار تي گيتڪار کان گيت جا ٻول لکرائيندو هو. هڪ ڀيري فلمي دنيا جي مشھور شاعر جان نثار اختر کيس ٻولن کي ڌيان ۾ رکي ڌنن ٺاهڻ جو مشورو ڏنو، جنهن تي هن عمل ڪيو. فلم ’مئن اور ميرا ڀائي‘ جا گيت پهرين لکايا ويا ۽ پوءِ سي. ارجن ڌنون ٺاهيون. فلم جون ڌنون ۽ گيت عوام ڏاڍا پسند ڪيا. سي. ارجن پنھنجي فلم جي پلي بئڪ سنگرن کي ڪافي ريهرسل ڪرائيندو هو. هُو لتا منگيشڪر ۽ محمد رفيع جي گهر وڃي کين ريهرسل ڪرائيندو هو. سي. ارجن فلم روڊ نمبر 302 (1960ع) ۾ پهرين موسيقي ڏني. سي ارجن، جن هندي فلمن جي موسيقي ڏني، تن جو سال وار تفصيل هن ريت آهي:
(1) روڊ نمبر 303 (1960ع)، (2) مين اور ميـرا ڀائـي (1961ع)، (3) سشيلا (1966ع)، (4) پـنـر مـلـن (1965ع)، (5) چـلـــي هـيــن سسـرال (1966ع)، (6) لنبو اِن هانگ ڪانگ (1967ع)، (7) منگو دادا (1970ع)، (8) اُستاد پيڊرو (1971ع)، (9) جئہ سنتوشي مان (1975ع) مٿين سمورين فلمن جا گيت تمام گهڻا مشھور ٿيا.
سي. ارجن جو اصلي نالو ارجن چنداڻي آهي، پر هن ذات يا نک کي اڳيان رکي سي. ارجن جي نالي سان مشهوري ماڻي آهي. هن جو جنم 1- سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سندس والد پرمانند چندناڻيءَ کي موسيقيءَ سان وڏو چاھہ هو. هن چاهيو ٿي تہ ارجن باقاعدي موسيقيءَ جي سکيا وٺي. ارجن جو والد سنڌي اسڪول جي ڪلاس مان گسائڻ تي ايترو ناراض نہ ٿيندو هو. جيترو موسيقيءَ جي ڪلاس مان گسائڻ تي ناراض ٿيندو هو. سندس ڀاءُ وليرام بہ موسيقيءَ جي سکيا وٺندو هو ۽ سٺو ڳائيندو هو. سي. ارجن کي ننڍپڻ کان سنگيت سان چاھہ هو. اٺن نون سالن جي عمر ۾ پڻس کيس ’ڪلياڻ ڀارتي سنگيت ودياليه‘ ۾ داخل ڪرايو. سندس استاد جو نالو رام پنور ترويدي هو. ارجن هارمونيم سکندو هو. ننڍپڻ ۾ لڄارو هو ۽ اسٽيج تي اچڻ کان لهرائيندو هو. ورهاڱي کان پوءِ بمبئيِءَ وڃِ رهيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ريلوي ۾ نوڪري ڪيائين. پڙهڻ کان وڌيڪ موسيقيءَ ۽ ڌُنن/ طرزن ٺاهڻ جو شوق هوس. بازار مان فلمي چوپڙيون وٺي گيتن جون ڌنون ٺاهيندو هو. هن مشھور موسيقار بلو. سي راڻي جي سنگ ۾ ڪافي پرايو. آخر سندس موسيقار ٿيڻ جي خواهش پوري ٿي، جڏهن کيس ’اباڻا‘ سنڌي فلم ۾ بلو. سي راڻيءَ سان گڏ موسيقي ڏيڻ جو موقعو مليو. ’اباڻا‘ فلم جا گانا ڏاڍا مشھور ٿيا. سي. ارجن هيٺين سنڌي فلمن ۾ موسيقي ڏني:
(1) اباڻا (1956ع)، (2) انصاف ڪٿي آ (1960ع)، (3) جهوليلال (1964ع)، (4) لاڏلي (1966ع)، (5) سنڌوءَ جي ڪناري (1966ع)، (6) هو جمالو (1968ع)، (7) شل ڌيئر نہ ڄمن (1968ع)، (8) هل تہ ڀڄي هلون (1984ع).
سي. ارجن فلمن ۾ گيتڪار پرسرام ضيا ۽ گورڌن ڀارتيءَ جي گيتن کي پلي بئڪ گائڪن: سرلا سامتاڻي، بلو سي. راڻي، ماسٽر چندر، آسن ميراڻي، وديا گربخشاڻي، ساوتري گدواڻي، ڪانتا پي. لال، نرملا ساپرو، رام پنجواڻي، ڀڳونتي ناواڻي، سترام روهيڙا، آشا هرگناڻي، چندرو آتما، ڪلان هزاري، ڪملا ڪيسواڻي، مهيش چندر، ڄيٺا لال، لتيڪا سين، گهنشام واسواڻي ۽ ارونا ڪندناڻيءَ کان ڳارايو.
سي. ارجن نہ رڳو سنڌي گائڪن کان فلمن ۾ گيت ڳارايا، پر غير سنڌي مشھور پلي بئڪ ڳائڻن: آشا ڀوسلي، لتا منگيشڪر، اُشا منگيشڪر، مهيندر ڪپور کان بہ سنڌي گيت ڳارايا. سي. ارجن جي ڌُنن ۾ لوڪ سنگيت، ڪلاسيڪل سنگيت ۽ مغربي سنگيت نمايان آهن. هن پنھنجي ڌنن ۾ ميٺاج کي وڌيڪ اهميت ڏني.
سي. ارجن جڏهن فلمي سنگيت جي دنيا ۾ ڦوھہ جوانيءَ ۾ هو تہ سندس لاڏاڻو ٿيو. هو اڄ اسان وٽ موجود نہ آهي، پر سندس موسيقيءَ جي ڌنن جو خزانو رڪارڊن ۽ ڪئسيٽن ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو