
چندن هار 1
چندن هار 1: هڪ قسم جو ڳھہ (چنڊ جهڙين گول پتلين سان پوتل هار). اصل ۾ هيءُ هار چانديءَ مان ٺهندو هو، جيڪو سڄي ڇاتيءَ کي ڍڪي ڇڏيندو هو. موجودہ دؤر ۾ هي هار سون مان بہ ٺهندا آهن. ٻہ هزار سال ق. م ۾ هيءُ هار چانديءَ مان ٺهندو هو، جنهن ۾ چانديءَ جي زنجيرن ۾ ننڍا ننڍا چنڊ جڙيل هوندا هئا، يعني اهو هار جنهن ۾ طوق مثل ننڍڙا ننڍڙا هار جڙيل هجن. ان دؤر ۾ بہ هن ڳھہ کي چندن هار ڪري چوندا هئا. چانديءَ جي تارن ۾ مڙهيل تارن ۽ گهنگهرن جيان ٽن انچن تائين موڪري پٽي وارو هار جيڪو پيٽ جي اڌ حصي تائين پاتل هوندو آهي ۽ هيٺان دُن تائين ڇھن انچن کان نون انچن جو موڪرو پتلو هوندو آهي. هيءُ هار ڪنوار جي ڳھن ۾ شامل هوندو آهي.