چنيسر ڪوٽ: هيءُ ڪوٽ سومرا گهراڻي جي تيرهين حاڪم چنيسر، وڳھہ ڪوٽ جي ويجهو ’چنيسر ڪوٽ‘ نالي سان تعمير ڪرايو هو. سنڌ جي هن تخت ڌڻيءَ جو ليلا نالي عورت سان عشق هو ۽ سندس ئي نالي سان رومانوي داستان ’ليلان چنيسر‘ سنڌ اندر مقبول ۽ تاريخي حيثيت جو حامل آهي. هن ڪوٽ جي ڀر ۾ هڪ شھر بہ ٻَڌايو ويو هو، جيڪو 1224ھہ ، 1809ع ڌاري زميني زلزلي جي نظر ٿي ويو. هن وقت هن شھر جا کنڊر موجود آهن، جتان سڪا ملندا رهن ٿا. چيو وڃي ٿو تہ چنيسر جي دور ۾ سندس گاديءَ جو هنڌ جيتوڻيڪ ديبل هو، پر هن چنيسر ڪوٽ نالي نئون شھر ٻڌائي اتي قلعو بہ ٺهرايو، جيڪو سندس نالي جو يادگار هو.