چنيسر 5
چنيسر (گاهه): چنيسر گاهه جو هڪ قسم آهي، جنهن جا گل بدبودار ۽ پاڙ اڇي رنگ تي بصر وانگر ٿئي ٿي. حڪيمن چواڻي: هي گاهه خشڪي پيدا ڪندڙ اثر رکي ٿو. هن جا پن جيري جي بيمارين لاءِ مفيد آهن. هن جي پاڙ وڌيل تِري کي گھٽائڻ ۽ ڦٽن کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.