چنيسر2

چنيسر2 : II684 ھہ 1285ع - 666 ھہ 1267ع)طائيءَ جي دور ۾ چنيسر سندس بااثر وزير هو. طائيءَ جي موت کانپوءِ سردارن ۽ راڄن چنيسر کي محمد طور جي تخت تي ويهاريو، پر جلد هن پنھنجي گادي ديبل مقرر ڪئي. هن جو دور خوشحاليءَ جو دور هو. سنڌي زبان جو لوڪ داستان ’ليلا چنيسر‘ دور جي ماحول ۽ خوشحاليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. چنيسر پنھنجي وجيھہ ۽ خوبصورت شخصيت سبب مشھور هو. هن ملڪ مٿان ارڙهن سال حڪومت ڪئي ۽ سن 1285ع ۾ فطري موت مئو. سندس زال ليلا سندس موت جو صدمو برداشت ڪري نہ سگهي ۽ مٿانئس ڪِري مري وئي. اهڙي نموني ٻئي پيار جي دنيا ۾ هڪ انمول مثال ڇڏي امر ٿي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو