چنيھہ فقير جي درگاھہ: چنيھہ فقير ذات جو اڄڻ، کهڙن ۾ اڄڻ فقيرن جي درگاھہ جو باني ٿي گذريو آهي. چنيھہ فقير پنھنجي دور جو ناليوارو شاعر ۽ درويش هو. هن مدح ۽ ڪافي جي صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. سندس حياتي ۽ ڪلام تي مشتمل ڪتاب ’نسورو نينھن‘ شايع ٿيل آهي. ذوالفقار اڄڻ چنيھہ فقير بابت سهيڙيل ڪتاب ۾ سندس معلومات ڏني آهي. چنيھہ فقير جي درگاھہ کهڙا، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. درگاھہ تي عام ماڻهو حاضري ڀريندا رهن ٿا، فقيرن مريدن ۽ معتقدن جو وڏو تعداد هتي اچي ٿو. هتي فقير چنيھہ سندس پٽن ۽ پونئيرن جون مزارون آهن.
هي مقبرو ٻن حصن ۾ آهي، جنهن مان هڪ ۾ چنيھہ فقير سميت ٻين بزرگن جون مزارون ۽ ٻئي حصي ۾ زيارتين جي ويهڻ جو بندوبست ڪيل آهي. عمارت پڪين سرن جي، گچ گاري جي تعمير ٿيل آهن ۽ مٿان چوني جو ليپو ڏنل اٿس. مهاڙي ۾ مکيہ لنگهہ، وچ واري طاقچي ۾ هو، جنهن کي پوءِ بند ڪري آڏو هڪ ڪوٺي تعمير ڪئي وئي آهي ۽ لنگهہ ڪنڊ کان ڪيو ويو آهي. مکيہ هجري جي ڀرسان هڪ ٻيو ڪمرو تعمير ٿيل آهي. مهاڙيءَ ۾ ڪنڊن تي ٿنڀ مٿي ڇت تي وڃن ٿا، جڏهن تہ انهن تي جوٽيءَ تي نيلون آهن. ٻيڙ ٻني تي ڪاشيءَ جي سرن جي ڪناري ٻڌل آهي. اٺڪنڊو گچ پڻ ڪاشيءَ جي سرن سان تعمير ڪيل آهي. ان تي موجود گنبذ بہ ساڳين سرن سان جنسار ڪيل آهي. گنبذ تي ڪوڻيءَ جي گل تي نيل آهي. ڀر واري ڪمري جي ٻيڙ ٻني تي ڪنگريون آهن ۽ مقبرو ڳچ کانسواءِ ڇت تي رکيل آهي. مقبري ۾ اندر بزرگن جون مزارون قطار ۾ آهن، جن کي ننڍڙيءَ ڀت جو احاطو ڏنو ويو آهي. مقبري ۾ اندرئين طرف جنسار اعلى زيبائش جو وڻندڙ نمونو آهي. ڇت ۾ ڪاٺ جون ڪامون آهن، جن تي گل واريون سرون وڇائي ڇت ٻڌي وئي آهي. مقبري جي ڀر ۾ عاليشان مسجد آهي ۽ ٻئي پاسي کان اڄڻ فقيرن جي مزارن تي ٻڌل مقبرو آهي. چنيھہ فقير جي مقبري تي عرس پڻ ملهائجي ٿو.