
چنڊ

چنڊ

چنڊ
چنڊ (Moon): نهري جسامت رکندڙ هي گرھہ، جنهن کي اسين چنڊ سڏيون ٿا، اُهو زمين کي ويجهي کان ويجهو گرھہ آهي. قديم دؤر جي ماڻهن ۾ چنڊ بابت جدا جدا عقيدا رائج هئا، ڪي هن کي پراسرار شيءِ سمجهندا هئا تہ ڪن جي خيال ۾ هي طاقت جو ديوتا هو. ڪي ماڻهو ان کي موسمن جو مالڪ ليکيندا هئا تہ ڪي چنڊ کي پنھنجي قسمت سان وابستہ سمجهندا هئا. چنڊ بابت اهڙين من گهڙت ڳالهين ۽ خيالن جو سلسلو ويهين صديءَ جي آغاز تائين هلندو رهيو. ان وقت تائين چنڊ جي بناوت جو خاڪو واضح نہ هو. ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن کي ’خلا جي تسخير جو دؤر‘ سڏيو ويو آهي، ڇو تہ هن دور ۾ ايجادن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان انسان جو صدين کان چنڊ تي پهچڻ وارو خواب پورو ٿيو.
چنڊ جي وجود بابت ڪيترا سائنسي نظريا موجود آهن، جن مان ٽي بنيادي نظريا قابلِ ذڪر آهن: (1) نظريو: هن نظريي مطابق چنڊ زمين جو ئي ٽڪرو آهي، جڏهن زمين جو وجود ابتدائي مرحلا طئي ڪري رهيو هو ۽ اڃا پگهريل صورت ۾ هو تہ ان حالت ۾ سج جي چوڌاري گردش ڪندي، ان جي شڪل ڊگهي ڪَروُ جهڙي ٿي وئي هئي. تڏهن ان جي جسم مان ٿورو ٽُڪر ٽُٽي، جدا ٿي ويو ۽ پوءِ ان جي ئي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو. پاڻيٺ واري حالت ۾ جدا ٿيل ٽُڪرو، جنهن هنڌان جدا ٿيو هو، اڄ اتي پئسفڪ وڏو سمنڊ موجود آهي. سائنسدان پنھنجي نظريي جي تائيد ۾ چون ٿا تہ جيترو وزن پئسفڪ سمنڊ جي پاڻيءَ جو آهي، اوترو ئي وزن چنڊ جو هوندو. يا ائين چئي سگهجي ٿو تہ پئسفڪ سمنڊ مان پاڻي ڪڍجي تہ ان خال ۾ چنڊ سمائجي ويندو. (2) نظريو: هن نظريي وارن سائنسدانن جو خيال آهي تہ چنڊ زمين جي عمر کان وڏو آهي. سندن چواڻي چنڊ، نظام شمسيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ وجود ۾ اچي چڪو هو، جڏهن تہ زمين ان کانپوءِ وجود ۾ آئي هئي.
(3) نظريو: سائنسدانن جي اڪثريت جو خيال آهي تہ چنڊ ۽ زمين هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا. ٻنهي جي بناوت ۾ هڪجهڙا بنيادي عنصر ملن ٿا. چنڊ، ڌرتيءَ جو ويجهي کان ويجهو گرھہ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ مهيني جي عرصي ۾ مختلف وقتن تي جدا جدا شڪليون اختيار ڪندو رهندو آهي.
چنڊ جي هن جادوئي طرز واري خصوصيت جي ڪري ماڻهن ۾ مختلف خيال ظاهر ٿيا، جھڙوڪ: چنڊ موسمن تي اثر انداز ٿئي ٿو.
اڪثر سائنسدان هن ڳالھہ تي متفق آهن تہ حقيقت ۾ چنڊ هڪ نهرو جسم آهي، جيڪو زمين کان لڳ ڀڳ اڍائي لک ميلن جي پنڌ تي آهي، جيڪو ڪنهن بہ قسم جي توانائي خارج نٿو ڪري، پر سج جي ٿوري روشنيءَ کي موٽ کارائي ٿو. هي خود روشن جسم ناهي. ان کانسواءِ ڌرتيءَ تان چنڊ جو صرف اڌ حصو نظر ايندو آهي.
چنڊ جو قطر 2160 ميل، يعني ڌرتيءَ جي قطر جي چوٿين حصي جيترو آهي. وزن جي لحاظ سان زمين جي تور جو ايڪاسيون حصو آهي. ڪشش ثقل جو دارو مدار جسم جي گهٽ وڌائيءَ تي هوندو آهي. ان حساب سان زمين تي جيڪو وزن 150 پائونڊ آهي تہ چنڊ تي ان جسم جو وزن فقط 20 پائونڊ ٿيندو، ساڳيءَ طرح زمين تي ٽِن فوٽن جو ٽِپ ڏئي سگهبو تہ چنڊ تي 18 فوٽن جو ٽِپ ڏيڻو پوندو. انهيءَ اصول هيٺ خلابازيءَ جي مرحلن ۾ وڏي سهوليت پيدا ٿي ٿئي. چنڊ ڌرتيءَ جي چؤڌاري ڪجهہ بيضوي مدار تي گردش ڪندوآهي. ان جي اوچائيءَ تان زمين تائين 252710 ميل مفاصلو آهي، جڏهن تہ هيٺاهين تان زمين 238857 ميل پري آهي. اپالو-11 (خلائي گاڏي، جنهن ۾ سائنسدان جولاءِ 1969ع ۾ چنڊ تي پهتا هئا)، ڌرتيءَ کان چنڊ تائين پهچڻ ۾ 4 ڏينهن لڳايا هئا. روشنيءَ کي چنڊ کان ڌرتيءَ تي پهچڻ ۾ هڪ منٽ 10 سيڪنڊ لڳندا آهن. ڌرتي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ڀيرو پنھنجي محور تي گهمي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو زمين تي ڏينهن ۽ رات 12-12 ڪلاڪن جا ٿين ٿا. ليڪن چنڊ پنھنجي محور تي گردش ڪندي، زمين جي چوڌاري 27 ڏينهن ۽ ڇھن ڪلاڪن ۾ هڪڙو چڪر پورو ڪري ٿو. سج وانگر چنڊ ڪنهن بہ قسم جي روشني پيدا ڪري نہ سگهندو آهي. چنڊ جي روشني، جيڪا اسان کي رات جو نظر ايندي آهي، سا سج جي آهي، جا چنڊ جي سطح تان موڙ کائي، اسان ڏانهن موٽ کائي ايندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو چنڊ جون شڪليون اسان کي مختلف وقتن تي مختلف نظر اينديون آهن. انهن کي ’چنڊ جون ڪلائون‘ چوندا آهن. چنڊ جو رنگ، جيڪو اسان کي زمين تان نظر اچي ٿو، سو اصل ۾ سج جي روشنيءَ جو موٽ کائيندڙ ڪرڻو آهي. چنڊ مان موٽ کائيندڙ روشني، خلا مان لنگهي اچي ٿي. سياري ۾ جڏهن چنڊ آسمان جي وچ ۾ نهايت اوچائيءَ تي وڃي پهچندو آهي تڏهن ان جا ڪرڻا سِڌا زمين تي پوندا آهن. ان وقت اسان کي چنڊ اڇو يا چانديءَ جهڙو نظر ايندو آهي. اونهاري ۾ چنڊ جڏهن هيٺئين درجي تي لھي ايندو آهي، تڏهن ان جا ڪرڻا گهاٽي فضا جي تَهن مان لنگهي زمين تي پهچندا آهن. ان وقت چنڊ جو رنگ اسان کي پِيلو ۽ سونهري نظر ايندو آهي. خلا نوردن جڏهن هيٺ لهِي چنڊ جي رنگ جو مشاهدو ڪيو، تڏهن کين چنڊ خاڪي ۽ هلڪي ڀُوري رنگ جو نظر آيو.
پهريون دفعو گليلو گليليءَ چنڊ جو گهرو مطالعو ڪيو. 1690ع ۾ کيس معلوم ٿيو تہ هالينڊ جي عينڪ ساز هڪ اوزار ايجاد ڪيو آهي، جنهن مان پري جي شين کي ويجهو ڏسي سگهجي ٿو. اهو اوزار دوربين هئي، جنهن ۾ ڪئين شيشا فِٽ ٿيل هئا. گليلو انهيءَ دوربين ۾ لڳل شيشن کي جدا جدا طرفن ڏانهن تبديل ڪرڻ سان گڏ شيشن کي چڱيءَ طرح صاف ڪرڻ سان نئين دوربين ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن جڏهن پهريون ڀيرو پنھنجي دوربين جو رخ چنڊ ڏانهن ڪيو تہ کيس چنڊ ۾ موجود ٻرندڙ جبلن ۽ ڇپن جي اڻ کٽ سلسلي کان سواءِ ڪشادن ميدانن جي مشاهدي جو موقعو مليو ۽ چنڊ جي دنيا ۾ موجود اهي علائقا ڪٿي هموار ۽ ڪٿي کڙٻڙ وارا نظر آيا ۽ کيس اهي سڀ مشينون وهندڙ پاڻيءَ جي وسيع علائقي ۾ نظر آيون، تڏهن هن ان جو نالو سمنڊ رکيو. عمر جي آخري حصي ۾ گليلو نهايت مصروف رهيو. سندس سمورو وقت سيارن جي مشاهدي ۾ گذريو. هن چنڊ بابت پنھنجي تحقيق ۾ وسعت آندي. هن پنھنجي ايجاد ڪيل دوربين جي ذريعي چنڊ جي داغن جو بہ غور سان مطالعو ڪيو. هن ڪلائون ڪڍندڙ زهري ۽ مشتري جا چار چنڊ ڳولي لڌا ۽ هن اهو معلوم ڪيو تہ ڪهڪشان دراصل ڪروڙين تارن جو ميڙ آهي. چنڊ جي مٿاڇري تي اندازاً ٽيھہ هزار داغ آهن. ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ شھاب ثاقب جي ڪرڻ سان چنڊ جي سطح تي اهي کڏون کوٻا بڻجن ٿا. جيئن تہ چنڊ جي سطح تي پاڻي ۽ هوا موجود نہ آهن، ان ڪري هڪ ڀيرو ڪا کڏ بڻجي ٿي تہ ان ۾ ڪابہ تبديلي نہ ٿي ٿئي. موجودہ خلائي تحقيق مان چنڊ جي ساخت ۽ ماهيت متعلق خلائي چنڊ گاڏين وسيلي ٿيل تحقيق مطابق اربين سال (ساڍا تيرهن ارب سال) اڳ زمين سان هڪ گرھہ جي ٽڪر سان چنڊ وجود ۾ آيو. اهو گرھہ مريخ کان ٽيڻو وڏو هو. ٽڪر سان زمين جو ٻاهريون مادو ڌرتيءَ کان جدا ٿي پکڙجي ويو، پوءِ ان مان ننڍا ننڍا ڪيترا ئي چنڊ ٺھي ويا، جن پوءِ گڏ ٿي چنڊ جو وجود ورتو.
چنڊ ڌرتيءَ جو واحد اپگرھہ آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي چوگرد 27 ڏينهن ۽ 20 ڪلاڪن ۾ هڪ چڪر پورو ڪندو آهي. ساڳئي وقت پنھنجي محور تي هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو گردش ۾ ڦيري دوران هن جو رخ هميشہ زمين جي طرف رهندو آهي، جيڪو ان جي ڪل سطح جو 59 سيڪڙو آهي. زمين جي چوطرف بيضوي گردش ڪرڻ وقت هن جو زمين کان ويجهو ۾ ويجهو مفاصلو 221463 ميل ۽ پري کان پري مفاصلو 25271 ميل آهي. هن جو ماپو ڌرتيءَ جي ماپي کان گهٽ آهي. چنڊ پنھنجي محور تي چوگرد 2287 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان چڪر ڪاٽي ٿو. زمين تي چنڊ جو رڳو هڪ پاسو ڏسجي ٿو، پر 1959ع ۾ جڏهن روس جو موڪليل خلائي جھاز ليونڪ-2، خلا ۾ ويو تہ ان چنڊ جي مخالف پاسي جا بہ فوٽو ڪڍيا، ۽ ائين چنڊ جي مخالف پاسي کي ڏسڻ ممڪن ٿيو.
چنڊ هڪ ويران ۽ خاموش ٽڪرن جو گولو آهي، جتي جبلن جون وڏيون چوٽيون ۽ وڏا ريگستان آهن. چنڊ تي فضا موجود ناهي، جنهنڪري چنڊ تي ڪشش گهٽ آهي. ڌرتيءَ ۾ ايڏي ڪشش آهي، جو اها گئس جي هڪ فضا کي سوگهو ڪري سگهي ٿي. پر چنڊ ۾ ايتري ڪشش نہ آهي. چنڊ تي هوا نہ هئڻ ڪري ڏينهن جو گرمي پد 250 تائين ۽ رات جو گرمي پد 280 ڪاٽو فارنهائيٽ تائين پهچي ٿو. اهڙيءَ طرح چنڊ تي پاڻي بہ موجود نہ آهي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو تہ چنڊ تي زندگيءَ جو تصور نہ آهي.
هڪ سال ۾ زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ پنج انچ مفاصلو وڌي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ چنڊ تي جبلن جي هڪ هزار ميل ڊگهي قطار آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ٻرندڙ جبل بہ هئا، پر هاڻي انهن جا تراکڙا مٿاڇرا موجود آهن. ان بابت مختلف خيال ظاهر ڪيا ويا آهن. (1) تہ ڪنهن وقت چنڊ تي ٻرندڙ جبل موجود هئا، جن پنهنجا آثار ڇڏيا آهن، (2) تہ چنڊ سان ڪرندڙ تارا ٽڪرايا آهن، جن کوھہ کڙا ڪيا آهن. چنڊ جي بلند ترين چوٽي 25 هزار سال پراڻي چئي وڃي ٿي. ان جي عمر ساڍا چار ارب سال ٻُڌائي وڃي ٿي. چنڊ مختلف حالتن مان گذريو آهي. ڪرندڙ تارن جو مادو کوهن مان لاوا جي صورت ۾ خارج ٿيو ۽ جڏهن لاوا ٿڌو ٿيو تہ چنڊ سراسري شڪل اختيار ڪئي ۽ چنڊ تي اهڙا نشان موجود آهن، جيڪي لاوا جي وهڪري جو ثبوت ڏين ٿا.
مخالف حالتن ۾ جڏهن چنڊ سج جي بلڪل سامهون هوندو آهي تہ ان جي مٿاڇري تي گرمي پد 1000 ڊگريون ۽ جڏهن سج کان لڪل هوندو آهي تہ ڪاٽو 150 ڊگريون هوندو آهي. چنڊ جو هڪ ڏينهن ۽ رات زمين جي چوڏهين ڏينهن جي برابر هوند آهن. چنڊ زمين تان چمڪندڙ نظر اچي ٿو، پر روشني سج جي روشني آهي ۽ خلابازن پهريون ڀيرو 1969ع ۾ جڏهن چنڊ تان پٿر ۽ ٻيون شيون کڻي آيا تہ سائنسدانن تجربا ڪري اها ڳالھہ ٻڌائي تہ چنڊ تي 50 سيڪڙو شيشي جا ذرا موجود آهن. جنهنڪري ٿي سگهي ٿو تہ چنڊ سج جي روشنيءَ سان وڌيڪ روشن ٿئي ٿو. چنڊ جي سطح تان زمين نيراڻ مائل نظر ايندي آهي.
جڏهن چنڊ تي نيل آرمسٽرانگ نالي خلاباز، 21 جولاءِ 1949ع تي رات جو هڪ لڳي 49 منٽن تي پهريون قدم رکيو هو، تہ قدمن جا نشان اهڙا تہ چِٽجي ويا جو اڃا بہ موجود آهن، ڇو تہ چنڊ تي ڪا بہ فضا موجود نہ آهي.
چنڊ تي سليڪون، ٽيٽانيم، ايلومينيم، لوھہ، ميگنيشيم، سوڊيم، پوٽاشيم، مينگائيز، ڪرومين ۽ زاڪوليم جھڙا عنصر موجود آهن.
نئين چنڊ ۽ مڪمل چنڊ جي عرصي ۾ ڌرتي، چنڊ ۽ سج سڌائي ۾ اچي وڃن ٿا، چنڊ ۽ سج جي ڪشش سبب وڏي وير پيدا ٿئي ٿي. جڏهن چنڊ چوٿين حصي مان ٽئين حصي ۾ هوندو آهي تہ ان جو لاڙو ڌرتيءَ جي نسبت کان سج ڏانهن وڌيڪ هوندو آهي. ان وقت چنڊ ۽ سج هڪٻئي جي طاقت سان زمين کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ معمولي قسم جي وير چڙهندي آهي. وير جي چڙهڻ ۾ ڪئين ارب ٽن سمنڊ جو پاڻي اڳتي ڌڪجي ٿو ۽ لھڻ وقت پٺتي ڇڪجي ٿو. انهيءَ عمل دوارن پيدا ڪندڙ گھڪو يا گاٺ ڌرتيءَ جي گردش کي ڄڻ تہ هڪ قسم جي ’بريڪ‘ جو ڪم ڏئي ٿي. اهڙيءَ طرح جڏهن گردش جي رفتار گهٽجي ٿي تڏهن ڏينهن وڏا ٿين ٿا. ’وير‘ جي گهڪي جو اثر ان وقت بہ ڌرتي ۽ چنڊ تي هو جڏهن ٻئي گئسن جي پاڻيٺ جي صورت ۾ ارتقائي، مرحلا طئي ڪري رهيا هئا. اڄ بہ ساڳيءَ طرح زمين تي سامونڊي پاڻيءَ تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو تہ زمين جي گردش ۾ ڪمي ايندي رهي ٿي ۽ چنڊ جي مدار ۾ بہ مفاصلو وڌندو رهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ قمري مهينو وڏو ٿيندو رهندو آهي. وير جي گهڪي سبب تبديلي ڪروڙن ميلن کان اڄ تائين جاري آهي. شروعات ۾ زمين تي ڏينهن ٻن ڪلاڪن جو هو، جيڪو وڌي 24 ڪلاڪن جو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح قمري مهينو زمين جي هڪ ڏينهن جي برابر هو، جيڪو هاڻي وڌي چئن هفتن جو ٿي ويو آهي. اربن سالن کانپوءِ چنڊ کسڪي زمين کي ويجهو ايندو. جڏهن زمين کان ٽي هزار ميلن جي مفاصلي تي هوندو تڏهن ڦاٽي ذرا ذرا ٿي ويندو. پوءِ اهي ذرا زحل سياري وانگر پٽا ٺاهي زحل جي چؤڌاري ڦرڻ لڳندا. چنڊ جڏهن ڌرتيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويندو آهي، تڏهن اسين ان کي ’چنڊ گرهڻ‘ چوندا آهيون. دراصل زمين سج جي چؤڌاري مدار ۾ گهمندي رهندي آهي. ان جي برعڪس چنڊ ڌرتيءَ جي چؤڌاري گهمندو آهي، جيڪو جهڪيل هوندو آهي. انهيءَ ڪري مڪمل چنڊ گرهڻ ڪونه لڳندو آهي. زمين جو پاڇو فضا ۾ 849000 ميلن تي پوندو آهي. ليڪن چنڊ گهڻو ڪري پاڇي جي هيٺان يا مٿان لنگهي ويندو آهي. مڪمل چنڊ وارين تاريخن ۾ چنڊ ڌرتيءَ جي سنوت ۾ ايندو آهي تہ زمين جو پاڇو چنڊ تي پوندو آهي ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح سج گرهڻ جو ٿيڻ ممڪن آهي. جڏهن نئون چنڊ نڪرڻ شروع ٿيندو آهي تہ ان سان گڏ سج گرهڻ بہ ٿيندي آهي. جيئن تہ ان وقت چنڊ ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ ۾ هوندو آهي تہ ان جو پاڇو مخروطي شڪل ۾ زمين تي پوندو آهي . اهو پاڇو 28000 ميلن کان 32000 ميلن تائين گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي، چنڊ ڪنهن بہ وقت اهڙيءَ حالت ۾ هوندو آهي، جنهنڪري سج گرهڻ ٿيندو آهي. ليڪن چنڊ جو پاڇو ايترو وڏو نہ هوندو آهي، جو سڄي ڌرتي ان ۾ سمائجي وڃي. سج ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرهڻ ٿيندي آهي، جيڪا عارضي هوندي آهي ۽ ان جو عرصو چند منٽن کان وڌيڪ نہ هوندو آهي. سج گرهڻ زمين جي مختلف حصن تي ظاهر ٿيندي آهي.
چنڊ بابت قديم زماني کان وٺي هيٺيون ڳالهيون ماڻهن ۾ رائج آهن:
هاري پنهنجا فصل چنڊ جي حساب سان پوکيندا ۽ لڻندا آهن؛ يونانين ۽ رومين کان سواءِ ايشيا، آفريڪا، آسٽريليا وغيرہ ملڪن جا اصلوڪا رهاڪو چنڊ کي مقدس ديوتا سمجهي پوڄا ڪندا آهن؛ موجودہ ترقي يافتہ دور ۾ بہ عيسائين ۽ يهودين جي مقدس ڏهاڙي ۾ چنڊ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. عيسائين جو ڏهاڙو ’ايسٽر‘ بہ بھار جي مُند کان شروع ٿئي ٿو (جڏهن ڏينهن رات هڪ جيترا ٿيندا آهن). سڄو چنڊ نڪرڻ واري پهرئين آچر تي ملهايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح يهودي بہ غلاميءَ مان نجات جي ياد سبب مقدس عيد ملهائيندا آهن، جيڪا بھار جي موسم ۾ ڪئلينڊر جي 14 کان 21 تاريخ تائين ملهائي وڃي ٿي.
چنڊ ۽ تاري جو نشان مسلم دنيا ۾ يڪجهتيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري ڪيترن مسلم ملڪن جي جهنڊن تي چنڊ ۽ تارو ٺهيل آهي، جن ۾ ترڪي ۽ پاڪستان بہ شامل آهن.
چنڊ جو ذڪر ادب ۽ شاعريءَ ۾ موجود آهي.
هجري سال جو چنڊ سان تعلق آهي، ان ڪري هجري سال کي قمري سال بہ سڏيو وڃي ٿو. هجري سال جا ٻارهن مهينا: محرم، صفر، ربيع الاول، ربيع الثاني، جمادي الاول، جمادي الثاني، رجب، شعبان، رمضان، شوال، ذوالقعد ۽ ذوالحج آهن ۽ هر مهيني جي شروعات چنڊ ڏسڻ سان ٿيندي آهي، انهي ڪري هن جي مهينن جا مقرر ڏينهن نہ هوندا آهن. مسلمانن جي عيدن ۽ ٻين تهوارن جو تعلق بہ چنڊ سان آهي. مثلاً: عيدالفطر (پهرين شوال)، عيدالضحيٰ (ڏهين ذوالحج)، عيد ميلادالنبي (ٻارهن ربيع الاول)، شب برات (15 شعبان)، شب معراج النبي (27 رجب)، ليلة القدر (نزول قرآن: 27 رمضان)، يوم عاشور (9 ۽ 10 محرم)، يارهين غوث پاڪ (11 جمادي الثاني) ۽ عيد مولود ڪعبه (ولادت حضرت علي: 13 رجبي) وغيرہ.