چنڊيا ڪلهوڙا (ڳوٺ): هي ڳوٺ ديھہ ڀولا ڪلهوڙا، قنبر شھر کان ڏکڻ طرف 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آباد آهي. هن ڳوٺ جي تاريخ بابت روايت ملي ٿي تہ سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي (1754ع- 1718ع) جي دؤر ۾ در محمد ٻلال نالي هڪ سرڪش زميندار موجودہ سيوهڻ شھر جي آسپاس رهندو هو. هڪ ڀيري نور محمد ڪلهوڙي جي سانَ هن جي مينهن کي سائو ڪيو. جنهن تي در محمد غصي ۾ اچي مينهن جو ڳڀ ڪيرائي ڇڏيو. اها خبر نور محمد ڪلهوڙي کي پئي تہ هن در محمد کي سيکت ڏيڻ لاءِ پنھنجي قبيلي مان چار چونڊ بھادر ماڻهو فوجي دستي سان مٿس چاڙهي موڪليا، جن در محمد ٻلال جي ڪوٽ تي قبضو ڪري، کيس قيد ڪري ميان نور محمد جي درٻار ۾ پيش ڪيو، در محمد ٻلا ل پنھنجي غلطيءَ جي معافي ورتي ۽ پنھنجي نياڻي نور محمد کي نڪاح ۾ ڏني. هن نياڻيءَ کي ڏاج ۾ هڪ ٻانهي ۽ ٽي غلام بہ ڏنا. 1783ع ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ڪلهوڙن شاهي خاندان جا ڪي فرد ديري غازي خان جي حاجي پور ۽ ڄام پور شهرن ڏانهن هليا ويا. 1843ع ۾ ميرن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ڪلهوڙا گهراڻي جي انهن چئن چونڊيل بهادرن جي اولاد، روزگار جي تنگيءَ سبب سنڌ ڏانهن ٻيهر رخ ڪيو ۽ هتي اچي آباد ٿيا. جنهن ڪري هيءُ ڳوٺ سندن نالي پٺيان چنڊيا (چونڊيا) ڪلهوڙا نالي سان مشھور ٿيو. هن وقت هتي ڪلهوڙن کان سواءِ ڌڪڙ، موچي، تنيا ۽ وڌا ذات جا ماڻهو بہ آباد آهن. چڱ مڙسي ۽ زمينداري ڪلهوڙن جي آهي.