
چـنڊ رهـيـن ٿـو دور
چـنڊ رهـيـن ٿـو دور (ڪتاب): هـي ڪـتاب نـامور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر، قمر شھباز جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. قمر شھباز ’پنھنجي پاران‘ لکيل ٻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته، ’هن جي شاعريءَ مان ڪجهہ شعر هن مجموعي ۾ شامل آهن. چونڊ ڪرڻ جي نہ مراد هئي ۽ نہ وري ممڪن، البت مختلف دورن ۽ ڪيفيتن جو اندازو پڙهندڙ مضمون توڙي عنوان مان بخوبي ڪري سگهندا.‘ نامياري شاعر شمشير الحيدري ’قمر شھباز- هڪ آدرش‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”قمر شهباز، مهاڀاري لڙائيءَ (ونيونٽ خلاف جدوجھد) جي پيداوار هجڻ سان گڏ، ... سچارن جي سئنا جو هڪڙو اهڙو سئناپتي رهندو اچي، جيڪو اڄ تائين پنھنجي مورچي تي اٽل آهي ۽ جنهن ... سموري عرصي دوران پنھنجي قلم جي تلوار کي ڪڏهن بہ مياڻ ۾ نہ رکيو آهي. هي ... ڏات جي ڏيئن جي اُنهيءَ ’جوت مان ملندڙ جوت‘ جو تسلسل آهي.“ برک شاعر امداد حسينيءَ قمر شھباز جي شاعريءَ تي ’ڏيئي جهڙي ڏات‘ سان تفصيلي لکيو آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”اڄ جڏهن سنڌي اديب توڙي عوام ڇڙوڇڙ آهن. شاعري سھل پسنديءَ ۽ فيشن پرشتيءَ جو بَکُ ٿي چڪي آهي، تڏهن قمر جي شاعري مومل جهڙي ماڳ ماڻڻ لاءِ جاکوڙڻ تي اُڀاري ٿي.“
قمر شھباز جي هن شعري مجموعي ۾ بيت، دوها، وايون، گيت، غزل، نظم شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 246 صفحن تي مشتمل هي شعري مجموعو، سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران، سيپٽمبر 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت -/50 روپيا آهي.