چنڊ ڏسڻي ڪميٽي

چنڊ ڏسڻي ڪميٽي: 3 جولاءِ 1948ع تي حڪومت پاڪستان رويت هلال ڪميٽي ٺاهڻ جي لاءِ عالمن جي هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي. پهريون ڀيرو ان ڪميٽيءَ 20 شعبان 1367ھہ/ جولاءِ 1948ع تي ميمڻ مسجد، صدر ڪراچيءَ ۾ گڏجي رمضان المبارڪ جي چنڊ نظر اچڻ جو فيصلو ٻڌايو هو. هن ڪميٽيءَ ۾ جيڪي عالم شامل هئا، انهن جا نالا هئا: مولانا مفتي محمد، مولانا احتشام الحق ثانوي، مولانا محمد صادق، مولانا عبدالعاديد بدايوني ۽ مولانا عبدالعليم صديقي. ان وقت کان وٺي اڄ تائين هيءَ ڪميٽي ڪم ڪندي اچي ٿي ۽ هن وقت ان جو سربراھہ مفتي منيب الرحمان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.07.03  عيسوي

3 جولاءِ 1948ع تي حڪومت پاڪستان رويت هلال ڪميٽي ٺاهڻ جي لاءِ عالمن جي هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي.



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رزق
ديڳ
شادمانو
چور پوليس راند
سپ
پکو پکائي
اردابيگي
آرائين
آگرا تاج ڪالوني
سنڌ راڻي
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون