
چنڙو ڪوٽ
چنڙو ڪوٽ (ماڳ): چنڙو ڪوٽ، سانگهڙ کان 110 ڪلوميٽر اتر طرف ريگستان ۾ واقع آهي. هي ڪوٽ سنڌ ۽ جيسلمير کي ڳنڍيندڙ اوائلي رستي تي هڪ حفاظتي چوڪيءَ طور سڃاتو ويندو هو. هن قديم شاهراھہ تي ٻين ڪوٽن سان گڏ، امام ڳڙھہ، کارو ڪوٽ ۽ جبو ڪوٽ بہ ملن ٿا. چنڙي ڪوٽ کـان هـندسـتاني سـرحــد 7 ڪلـوميـٽر اوڀر ۾ آهي، جتان رات جي وقت هندستاني شـهـرن جـون بتيـون ٻـرنـدي نـظر ايـنديــون آهـن. اُتـي پـاڪـستـاني سرحد جي حفاظت ڪندڙ رينجرز جي هڪ چيڪ پوسٽ بہ آهي، جيڪا ’چنڙو چيڪ پوسٽ‘ سڏبي آهي. مڪاني ماڻهو هن ڪوٽ کي ’ميرن جو ڪوٽ‘ بہ سڏين ٿا. هن ڪوٽ کان 50 ڪلوميٽر اولھہ ۾ نارو ۽ تجل جو شھر آباد آهي. هن ڪوٽ جي اتر ۾ رڻ جو وسيع پٽ ۽ ڏکڻ ۾ ديوار چين وانگر ’ڊينھہ‘ نظر ايندو آهي. چنڙو ڪوٽ موجودہ وقت خيرپور ضلعي جي تعلقي ناري ۾ واقع آهي. هن ڪوٽ جا ڊٺل آثار اڇڙي ٿر جي مشھور ديھہ جبو ۾ آهن. ٿاريچا هن ديھہ کي ديھہ جبو ڪوٽ يا ديھہ جبو ريگستان ڪري سڏين ٿا. هن ڪوٽ جي اوڀر پاسي چنڙو تڙ ۽ ڏکڻ پاسي کارائو تڙ تي مالوند مال کي پاڻي پياريندا آهن. هن تاريخي ڪوٽ جي اولهندي پاسي مٺيارو تڙ ۽ اتر طرف ٻوڙائو تڙ آهي. ان کان سواءِ سونهري تڙ تي بہ ڪجهہ آبادي موجود آهي.
اڇڙي ٿر ۾ جيڪي بہ ڪوٽ ٺاهيا ويا آهن، اهي گهڻو ڪري چوڦير ڀٽن سان گهيريل آهن. هي بلند ڀٽون، ڪوٽ جي حفاظتي برج هئڻ سان گڏ ڄڻ Observation آهن، جن جي ٽونڪ تي چڙهي پهريدار پري پري تائين ايندڙ ويندڙ قافلن تي نظر رکي سگهن ٿا ۽ دشمن کي ڪوٽ کان پري رکي سگهن ٿا. هي ڀٽون ڪوٽ جي حفاظت لاءِ لڪل مورچا آهن. فوجي نڪتہ نگاھہ کان هي پهرين Defence Line آهي. اڇڙي ٿر ۾ قائم هي ڪوٽ اهڙين ڀٽن جي اوٽ ۾ خفيہ هنڌن تي ٺاهيا ويا آهن، جو ڪنهن سونهي کان سواءِ اتي پهچڻ محال آهي. جيئن تہ اڇڙي ٿر جون ڀٽون اتر ڏکڻ سفر ڪن ٿيون. ان ڪري واري جي دڙن جو هي سلسلو سامونڊي لهرن وانگر ميلن تائين پکڙيل آهي. چنڙو ڪوٽ بہ لهريدار ۽ ور وڪڙ، ڀٽن جي سلسلي ۾ هڪ ڏهر ۾ ٺاهيو ويو آهي. ترائيءَ ۾ ڪوٽ ٺاهڻ لاءِ پاڻيءَ جي سهولت کي نظر ۾ رکيو ويو هو. چنڙو ڪوٽ کي چوگرد وارياسي ڀٽن جو ڪڙو چڙهيل آهي، جن کي ميرن جون ڀٽون سڏجي ٿو. هن جي ڀرسان هڪ وڏي ڊينھہ جي بلندي 500 فوٽ ٿيندي.
اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهن جو تعلق حر جماعت سان آهي، جن جي سورهين 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ- هند جنگين ۾ حصو ورتو هو.
هن خطي جي ورهاست ڪلهوڙن جي دؤر کان اڳ جي آهي. مير پنھنجي دور ۾ جڏهن هن ريگستان ۾ سير شڪار لاءِ ايندا هئا تہ هتان جا ماڻهو سندن رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ سواريءَ جو بندوبست ڪندا هئا. ميرن ان جي عيوض ۾ کين ڪجهہ کوھہ ۽ علائقا مقرر ڪري ڏنا هئا. اڇڙي ٿر ۾ ذاتين ۽ آباديءَ جي حوالي کان سڀ کان وڌيڪ رهن ٿا، جيڪي ڪل آباديءَ جو 38 سيڪڙو ٿيندا. ٻئي نمبر تي راڄڙ 25 سيڪڙو، ڀنڀرا 18 سيڪڙو ۽ ڳاها بہ 18 سيڪڙو ٿيندا. انهن کانسواءِ اڇڙي ٿر ۾ سيد، مڱريا، سميجا، موچي، ڪوري، خاصخيلي ۽ شڪاري وغيرہ بہ رهن ٿا.
چنڙي ڪوٽ جي بناوت: چنڙو ڪوٽ تقريباً چوڪور جڙيل آهي، هن جو اتر ۽ ڏکڻ پاسو 184 فٽ ڊگهو آهي، جڏهن تہ ان جي اوڀر ۽ اولھہ پاسي جي ڊيگهہ 180 فوٽ آهي. ڪوٽ جي چوڦير ديوار جي سراسري ويڪر / ٿولھہ 10 فوٽ آهي، ڪوٽ اندر داخل ٿيڻ لاءِ صرف ڏکڻ پاسي کان 20 فوٽ ويڪرو دروازو آهي. ڪوٽ جي سنڀال لاءِ چئن ڪنڊن تي حفاظتي برج ٺهيل آهن. ڪوٽ جي دروازي وٽ عام ڪوٽن وانگر ڪو بہ حفاظتي اپاءُ نہ آهي. ڪوٽ جي ڪنڊن واري حفاظتي برجن جو سراسري قطر 26 فوٽ آهي. موجودہ وقت ڪوٽ جي ٽن ڪنڊن تي برجن جا نشان چڱي حالت ۾ ملن ٿا. البته اتر اولھہ ڪنڊ واري برج جا نشان ختم ٿي ويا آهن. مالڪي نہ هئڻ ڪري چنڙو ڪوٽ هاڻي اڇاڻ مائل مٽيءَ جي ڍير جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن جي زمين جي سطح کان بلندي چاليھہ فوٽ بيهي ٿي.
هي ريگستاني ڪوٽ آسپاس ملندڙ مٽيريل مان ٺهيل آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو ’سپ‘ سڏين ٿا. سليٽي رنگ جي سپ سڪي اڇو رنگ اختيار ڪري ٿي، ان ڪري هي ڪوٽ اڇاڻ مائل آهي. چانڊوڪي رات ۾ ڀٽن جي ڪڇ ۾ هن ڪوٽ جو نظارو ڏاڍو دلفريب نظر ايندو آهي. چنڙو ڪوٽ سپ جي وڏين ڇپن جو جوڙيل آهي، جن جي ماپ ½ 1 X ½ 2 X 3 فوٽ آهي. ڪوٽ ۾ ڪتب آندل ڇپون وقت گذرڻ سان پنهنجو وزن گهٽائينديون وڃن ٿيون، ان ڪري ڏسڻ ۾ ديوقامت ڇپون کڻڻ ۾ آسان ۽ وزن ۾ هلڪيون آهن. ڪتب آندل سرن تي انساني پيرن ۽ هٿن جي نشانن سان گڏ جانورن جي چنبن جا نشان بہ نقش ٿيل آهن، جيڪي شايد آلين اکين تي ڇاپجي ويا آهن. ڪوٽ ۾ ڪتب آندل مٽيريل ڀرسان ئي زمين ۾ کڏ کوٽي ڪڍيو ويو آهي. ڪوٽ جي آسپاس اهڙن ڪيترن کڏن جا آثار موجود آهن. انهن کڏن جي گهرائي ويھہ فوٽ اونهي ٿيندي. ڪوٽ ۾ ڪتب آندل مٽيريل جپسم (Gypsym) جو آهي. وقت گذرڻ سان چن جي پٿر مان ڪيترا جزا ڇڄي ڌار ٿيڻ سان اهو جپسم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
حفاظتي چوڪي: چنڙو ڪوٽ کان ڪجهہ فاصلي تي هڪ ترائيءَ ۾ هڪ ٻئي ننڍڙي ڪوٽ جا آثار ملن ٿا، جنهن کي چنڙي ڪوٽ جي حفاظتي چوڪي چئي سگهجي ٿو. اها چوڪي سنڌ ۽ جيسلمير طرف گذرندڙ شاهراھہ جي حفاظت لاءِ جوڙي وئي هوندي. ان ڪوٽ نما پوسٽ جا نشان مٽجي ويا آهن. ان جي اتر طرف دروازي جا اهڃاڻ ملن ٿا. انهن آثارن مان اندازو ٿئي ٿو تہ اها چوڪي مستطيل هئي، جنهن جو اولھہ اوڀر پاسو 120 فوٽ ۽ ٻيو پاسو اتر ڏکڻ 55 فوٽ ٿيندو. اهو حفاظتي ڪوٽ بہ جپسم جو ٺهيل آهي، جنهن ۾ بہ وڏيون ڇپون استعمال ٿيل آهن. بچيل نشان ڏسي چئي سگهجي ٿو تہ ان چوڪي جي چئني ڪنڊن تي بہ برج هئا.