چنگ وڄائيندڙ
چنگ
چنگ: چنگ سنڌ جو عوامي ساز آهي، جيڪو ڦوڪ ۽ ضرب سان وڄايو وڃي ٿو، فولاد جي چار سوت کن ٿلهي تار کي موڙي گول دائري جي شڪل ڏئي، هر هڪ گول جي سري وٽان ٽن سوتن جي وٿي ڏئي، تارون ٻاهر ڇڪي، ٽن انچن جي فاصلي تي چنهنبيارون رکيون وينديون آهن. گول جي وچ تي هڪ باريڪ چپٽي تار چهنب وانگر نڪري، ٻنهي سرن وٽان نڪتل تارن جي وچ مان ٿيندي، تارن جي ڇيڙي وٽ مٿي مڙندي آهي ته جيئن آڱر سان ان کي ضرب ڏئي ڇيڙي وڄائي سگهبي آهي.
چنگ تمام سادو ساز آهي، ڪي ڪاريگر ٽامي مان به چنگ ٺاهيندا آهن. چنگ وچ واري تار تمام نرم ٿيندي آهي، جنهنڪري ڌڪ هڻڻ سان ان ۾ لرزش (ارتعاش) پيدا ٿيندي آهي. پتريءَ جي اها چپٽي تار، گول دائري جي ٻئي طرف به ٻه انچ کن ٻاهر نڪتل هوندي آهي. دائري جو قطر ٽي ساڍا ٽي انچ ٿئي ٿو، قطر جي سائيز جي حساب سان چنگ مان نڪرندڙ آواز ڳرو يا سنهو ٿيندو آهي. گول دائري کي اهڙيءَ طرح هٿ ۾ جهلبو آهي، جو وچ مان گذرندڙ چپٽي تار کي هٿ نه لڳي ۽ چنهبن وارو پاسو چپن ۽ ڏندن جي ٽيڪ تي جهلي، هڪ هٿ سان ضرب هڻبي آهي ۽ ساهه کي اندر ۽ ٻاهر ڌڪبو آهي. وات جي اندر زبان کي به مرڪائبو آهي ته جيئن هوا مختلف انداز سان ضرب جي تال سان جوڙ کائي ۽ هڪ خوبصورت لهرن وارو آواز پيدا ڪري، چنگ آواز ڏاڍو مٺو نڪرندو آهي، قابل چنگائي، هن ساز تي لهرا به وڄائيندا آهن. چنگ سنڌ جو مقبول ساز آهي. هي ساز، آزاد ڪشمير ۾ ’بجنگ‘، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ’چنگ‘ ۽ ڪن ريگستاني علائقن ۾ ’مچنگ‘ سڏجي ٿو. انگريزي ۾ هن کي Jew’s Harp چوندا آهن.
چنگ جو صرفي جائزو: چنگ جا ٻه مکيه قسم آهن. (1) ڪماني چنگ (Boul-Shaped)، (2) ورقي چنگ (Lamellate). انگريزي ۾ ٻنهي لاءِ هڪ ئي لفظ Jew’s Harp آهي. سنڌ ۾ هن ساز کي چنگ، مور چنگ ۽ دکن ۾ ’مور سنگ‘ چون ٿا. هڪ تحقيق موجب انگريزيءَ ۾ اهو لفظ Jew’s Harp، 1595ع ۾ پهتو. هي نالو ظاهر ڪري ٿو ته هي ساز شايد يهودين جي ڪنهن خطي ۾ ايجاد ٿيو هو. گورڊن فرازيئر جو خيال آهي ته اڳ ۾ هن ساز کي Jew’s Trump چيو ويندو هو. ان کان اڳ ۾ اتر آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ جا ماڻهو ان کي صرف Trump سڏيندا هئا. جيئن ته هن ساز لاءِ مختلف ملڪن ۾ مختلف نالا آهن، ان ڪري هن ساز جو تعلق يهودين سان جوڙڻ مشڪوڪ آهي، گورڊن جو خيال آهي ته هي لفظ Gewgaw مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’رانديڪو‘. موجوده لفظ Jew’s Trump اُن جي بگڙيل صورت آهي.
جوڙجڪ (Lamellate Jew’s Harp): ورقي چنگ ۾ عام طرح سنهي ڪاٺيءَ، بانس، هڏيءَ، عاج يا ڌاتوءَ جي پتري پليٽ 8 کان 35 سينٽي ميٽر ڊگهي ٿيندي آهي. Idiolet قسم جي چنگ جي ڊيگهه کان ڪجهه وڏي پتري تار ڪٽي ويندي آهي ۽ بعضي ان جي پاڙ وٽ تار جوڙي ويندي آهي، ڪڏهن وري تار فريم يا ڍانچي جي پايي وٽ ملائبي آهي. چنگ وڄائيندڙ تار کي ڇڪي زبان ۾ لرزش پيدا ڪندو آهي. ان کي سهاري ڏيڻ لاءِ زبان جي چوٽيءَ ۾ چوڙ، ميخ يا ڪانٽي جهڙي شيءِ ٻڌبي آهي، ڪن هنڌن تي هن ساز کي ٻه وڌيڪ زبانون هونديون آهن، اهڙيءَ ريت گونجار جا ڪيترا طريقا رائج آهن. ڪن خطن ۾ ساز جي پويان بانس جو نرو به استعمال ڪندا آهن.
ڪماني چنگ (Bow shaped Jew’s Harp): هن چنگ جو قسم ٺپيل لوهه مان ٺهندو آهي. لوهه کان سواءِ ٽامي، پتل، چاندي ۽ سون مان به ان جو ڍانچو ٺاهيو ويندو آهي، پر سنڌ ۾ هي چنگ لوهه مان ئي ٺهندو آهي ۽ ان جي زبان الڳ ٺاهي، پوءِ ڍانچي سان ملائبي آهي، هن جي ڊيگهه 5 کان 15 سينٽي ميٽرن جي وچ ۾ هوندي آهي. زبان ٻنهي پاسي ڍانچي کان ٻاهر وڌيل هوندي آهي، باج واري پاسي سنهي،مڙيل ۽ چوٽيءَ وٽ ڪنڊياري ٿيندي آهي.
قدامت ۽ استعمال: محققن جو خيال آهي ته ورقي ۽ ڪماني چنگ جو قديمي ديس يورپ آهي، ٻين جو خيال آهي ته ننڍو کنڊ ئي هن ساز جي جنم ڀومي آهي. آسٽريليا ۾ ڪنهن سمي درِ جانان اڳيان بيهي عشاق وڄائيندا هئا. ان ڪري هن ساز جي وڄت تي بندش وڌي وئي، نيوزيلئنڊ ۾ هي ساز بيمارين جي علاج طور وڄايو ويندو هو.
ڪيرتن: مجموعي طور چنگ جي وڄت جو مدار ان جي لچڪيدار فولادي زبان تي آهي، جنهن کي کوندڻ (Plucking)، ضربڻ/ ڇيڙڻ (Striking) ۽ ڇڪڻ يا ڇٻي ڏيڻ (Traction) سـان آواز ۽ لـرزش لائـق بنـائي سگهبو آهي. ڪماني چنگ هڪ هٿ ۾ جهلبو آهي، آڱوٺو ساز جي زبان جي پوئين وڌيل ڇيڙي جي هيٺيان ۽ هٿ جي ڏسڻي ۽ وچين آڱر ساز جي فريم جي مٿئين ٻانهن تي رکي، ڍانچي ج اٻئي ڇيڙا ڏندن جي وچ ۾ جهلبا آهن ۽ ٻئي چپ ٻنهي ڇيڙن مٿان اهڙيءَ ريت رکبا آهن، جيئن اهي زبان جي لرزش ۾ رڪاوٽ پيدا نه ڪن. زبان کي ٻئي هٿ جي ڏسڻي آڱر سان کوندي وڄائبو آهي. ساز گهڻو ڪري کٻي هٿ ۾ رکبو آهي. آواز پيدا ڪرڻ لاءِ وات مان ساهه ڪڍبو آهي، آواز جو مدار زبان جي کوند، وات ۾ زبان جي وٿيءَ جي گهٽ وڌ ٿيڻ جي ميلاپ تي هوندو آهي.