چـنگالِي (طعام): چنگالي هڪ مشھور طعام آهي. چنگالي، چانورن مان ٺهيل پينهون هوندا آهن، جن کي کنڊ سان گڏ رڌي تيار ڪبو آهي. شادي وغيرہ جي موقعن تي يا عام طرح مهمانن کي صبح جو نيرن تي پينهون کارائبا آهن، گڏيل طور هن کاڌي کي چنگالي چوندا آهن.