چنگاڻا (قبيلو): چنگاڻا هڪ قبيلي جو نالو آهي، جيڪي خانہ بدوش هوندا آهن. ’چنگاڻا‘ لفظ ’چنگر‘ يا ’زنگر‘ مان نڪتل آهي. هي قبيلو قديم زماني ۾ سنڌو درياھہ جي ڪناري تي آباد هو. بھرام پنجون (420ع کان 438ع) کـيـن هـندسـتان مـان ايـران وٺي آيـو هـو. ان کانپوءِ هي ماڻهو سڄيءَ دنيا ۾ ڦهلجي ويا.هنن مان ڪجهہ ماڻهو آباديون ٺاهي ٿانيڪا ٿي ويٺا ۽ باقي خانہ بدوش جي زندگي گذاري رهيا آهن. پراڻن طور طريقن تي هلندڙ هي خانہ بدوش هڪ جڳھہ تي آباد ٿي ويهندڙ چنگاڻين کي نفرت جي نگاھہ سان ڏسن ٿا. ايران ۽ ترڪيءَ ۾ هنن جو تعداد تمام گهڻو آهي ۽ سندن الڳ مذهب ۽ سياسي نظام آهي.