چنگيز خان

چنگيز خان

چنگيز خان

چنگيز خان: چنگيز خان جو اصل نالو ’تموچين‘ هو. هن 563ھہ مطابق 1162ع ڌاري برخان خلدون جبلن جي درياھہ ’ريلون بولداق‘ جي ڪنڌيءَ تي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. منگولن جي روايت موجب ڄمڻ وقت تموچن ماءُ جي ٿڃ بدران رت پيتو هو. ’تموچن‘ جي معنيٰ ’لوھہ‘ آهي. هن جو تعلق هڪ نواب گهراڻي سان هو ۽ سندس والد ۽ ابا ڏاڏا منگول قبيلي جا اڳواڻ هئا. هو والدين جو ٽيون نمبر پٽ هو. کيس ٽي ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي. ٻارهين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾ هي خاندان، جديد منگوليا جي حصي ۾ اوڀر منگوليا تي غالب رهيو، پر پوءِ کين بوئر نور جي تاتار نالي هڪ قبيلي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. هن قبيلي اتر چين جي حڪمرانن سان ملي، 1161ع ۾ منگولن کي شڪست ڏني. منگولن ۾ ڪو سردار نہ رهيو ۽ اهي منتشر ٿي چڪا هئا، پوءِ بہ هنن تاتارين خلاف پنھنجي جدوجھد جاري رکي. تاريخ ۾ اچي ٿو تہ چنگيز جي پيدائش وقت سندس پيءُ ٻن تاتار سردارن کي جنگي قيدي بنائي آيو هو، جن مان هڪ جو نالو تموچن اوڪر هو.

جنهن تان ئي چنگيز خان جو نالو تموچن رکيو ويو. منگولن ۾ ان دور ۾ اهو دستور هو تہ اهي پنھنجي قبيلي کان ٻاهر شادي ڪندا هئا. جڏهن تموچن نَـوَن سـالن جو ٿيـو تہ پـيءُ کـيـس مـنگوليـا جـي اڀرندي حصي ۾ وٺي ويو تہ جيئن سندس ماءُ جي قـبيـلي قـنقـرات مـان هـن لاءِ ڪـا ڇـوڪـري ڳـولي سگهجي. منگولن جي رواج مطابق يسوڪائي پنھنجي پٽ کي اتي ڇڏي آيو تہ جيئن هو پنھنجي سهري جي خيمي ۾ پرورش وٺي، جنهن جي ڏهن سالن جي ڌيءُ بورتا سان سندس شادي ٿيڻ واري هئي. جڏهن چنگيز خان جو پيءٌ وطن واپس موٽي رهيو هو تہ سندس ڪٽر دشمن هن کي سڃاڻي هڪ دعوت ۾وٺي ويا ۽ اتي کيس زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيائون. ان کانپوءِ تموچن ۽ سندس ماءُ غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا. جڏهن تموچن نوجوان ٿيو ۽ قبيلي جي هڪ شاخ (تايجيوت) جي ماڻهن کي سندس جيئري هئڻ جي خبر پئي تہ هنن سندن خيمي تي حملو ڪيو، پر حملي مان تموچن بچي وڃي جهنگ ۾ لڪو، پر ٿورن ڏينهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. هن کي مستقل قيدي بنائي، سندس ڳچيءَ ۾ هڪ ڪاٺ جو طوق وجهي ڇڏيائون. جتي بہ ويندا هئا کيس گڏ وٺي ويندا هئا. هڪ موقعي تي جڏهن اهي ماڻهو جشن ملهائي رهيا هئا تہ تموچن کي ڀڄڻ جو موقعو مليو ۽ هي درياھہ ۾ ٽپ ڏئي قيد مان ڀڄي ويو. قيد مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ تموچن پنھنجي ٿيڻ واري زال بورتا لاءِ اوڀر منگوليا جو رخ ڪيو. بورتا ڏاج ۾ صرف هڪ ڪاري برفاني جانور جي کل آندي، جيڪا اڳتي هلي چنگيز خان جي ترقيءَ جو ڪارڻ بڻجي. تموچن اها کل طغرل کي تحفي ۾ پيش ڪئي. جنهن جي سلطنت درياهي تلاءَ جي ڪناري تي موجود ’المن بتور‘ علائقي تائين ڦهليل هئي. طغرل بيگ تاريخ ۾ اونگ خان جي نالي سان مشھور هو، جيڪو تموچن جي پيءُ جو مائٽ هو. اهو هن تحفي تي گهڻو خوش ٿيو ۽ تموچن کي امان ۾ رکيائين. ڪجهہ وقت کانپوءِ تموچن جي خيمي تي جنگي قبيلي ’مرڪيت‘ جي ماڻهن حملو ڪيو ۽ سندس نئين پرڻيل زال اغوا ڪري ويا. چنگيز خان طغرل ۽ جاموقا جي مدد سان زال کي ’مرڪيتن‘ جي قيد مان آزاد ڪرايو. ماجوقا ۽ تموچن تمام گهرا دوست هئا. هميشہ پنهنجا خيما گڏ هڻندا هئا، پر ڪجهہ عرصي کانپوءِ جڏهن ٻنهي ۾ رنجشون پيدا ٿيون. هن جاموقا کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪري ورتي.
1196ع ۾ جڏهن ماڻهن سندس سرپرست طغرل کي تخت تان لاٿو تہ کيس ڪجهہ وقت فرافتاڪ جي دربار ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي بسر ڪرڻي پئي. آخرڪار 1197ع ۾ چنگيز خان جي مداخلت سان طغرل کي ٻيهر تخت ۽ تاج واپس مليو. انهيءَ سال ٻنهي گڏجي تاتار جي خلاف هڪ مھم ۾ چين مخالف حصو ورتو. 1199ع ۾ چنگيز ۽ طغرل (جنهن کي اونگ خان جو لقب ملي چڪو هو.) ملي مغربي منگوليا ۾ نايمان قبيلي تي حملو ڪيو. اهو قبيلو ترڪي نسل جو هو ۽ ان جي اڪثريت عيسائي هئي. 1201ع ۽ 1202ع ۾ ٻنهي گڏجي چنگيز خان جي اڳوڻي دوست جاموقا جي وفاقي قبيلن کي شڪست ڏني. 1202ع ۾ چنگيز خان هڪ ٻي لڙائيءَ ۾ پنھنجي پراڻن دشمنن تاتارين کان آخري انتقام ورتو ۽ کين نيست ۽ نابود ڪيائين.
ان کان پوءِ چنگيز خان ۽ طغرل جي وچ ۾ رنجشون پيدا ٿيون. هنن ٻنهي کلي عام هڪٻئي سان جنگ ڪئي. هڪ جنگ ۾ چنگيز خان کي شڪست آئي ۽ ٻيءَ جنگ ۾ چنگيز خان طغرل خان کي شڪست ڏني. اهڙيءَ طرح منگوليه تي چنگيز خان جو اقتدار قائم ٿيو. 1205ع ۾ چنگيز خان تنگوت تي حملو ڪيو، هتي جا رهاڪو تبتي نسل جا هئا. هي ماڻهو اتي آباد هئا جتي دريائي زرد جو هڪ وڏو موڙ واقع آهي. اڄڪلھہ هيءُ علائقو روس جي صوبي ڪانسو تي مشتمل آهي.
اڳتي هلي منگول حڪمرانن تموچين کي پنهنجو سردار تسليم ڪيو ۽ کيس چنگيز خان جو لقب ڏنائون، جنهن لقب سان ئي تاريخ ۾ مشھور ٿيو.
قبيلي جو سردار ٿيڻ کانپوءِ چنگيز خان منگولن جي خانہ جنگين دوران اهم قوت بڻجي ويو. هن ذهانت ۽ عقلمنديءَ سان ڪيتريون رياستون فتح ڪيون ۽ پنھنجي سلطنت کي وڌايو. 1206ع ڌاري چنگيز خان مرڪيتن، نايمان قبيلي مرڪيتن، منگولن، تاتارن ۽ يگر قبيلن کي ماتحت بڻائي پنھنجي رياستن کي وڌايو. 1206ع ۾ ئي هن زيا گهراڻي کي فتح ڪيو.
1211ع ۾ چنگيز خان ديوارِ چين جي سڄي علائقي تي حملو ڪري ان کي برباد ڪري ڇڏيو. ديوار اڳيان هئڻ ڪري سندس پيش قدمي رڪجي وئي. 1213ع ۾ ديوارِ چين کي سر ڪري، ٻئي پاسي پهچي ويو ۽ اهڙيءَ طرح اتر منگول چين جي ميدانن ۾ پکڙجي ويا. هن 1215ع ۾ جن گهراڻي جي شھر يان جنگ (جنهن کي هاڻي بيجنگ سڏيو وڃي ٿو) کي فتح ڪيو.
1215ع ۾ زرد درياھہ جو سڄو علائقو منگولن جي قبضي ۾ اچي ويو. ان بعد منگول ٽن طرفن کان پيڪن (موجودہ پيڪنگ) طرف وڌيا. چيني شهنشاھہ صلح جا شرط منظور ڪيا. هن هڪ سڱ ۽ خراج ادا ڪري منگول فوجن کي پنھنجي علائقي تي حملي کان روڪيو. اهو خراج وڏي تعداد ۾ ڏاج جي صورت ۾ هو، جيڪو چيني شهزاديءَ کي ڏنو ويو. جنهن جي شادي چنگيز خان سان ٿي. جلد حالتن کي مناسب سمجهندي، چنگيز خان چين تي حملو ڪري، پيڪن تي قبضو ڪري ان کي بلڪل تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ بادشاھہ زرد درياھہ جي ڪناري ڏکڻ طرف ڪائي فنگ ڏانهن ڀڄي ويو. لڙائيءَ ان کانپوءِ بہ جاري رهي. سمرچائي ۽ سنڪيانگ کي پنھنجي سلطنت ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ چنگيز خان جي سلطنت جون حدون، سلطان محمد خوارزم شاھہ جي مملڪت سان وڃي مليون. 1216ع ۾ ۽ 1219ع ۾ ارال سمنڊ جي اتر ۽ اوڀر ۾ سلطان محمد خوارزم جي فوج ۽ چنگيز جي وڏي پٽ جوچي ڪي ڪمان هيٺ منگول فوج جي وچ ۾ لڙائي ٿي. مرڻ کان اڳ چنگيز خان پنھنجي شهنشاهت جون رياستون پٽن ۾ ورهائي ڇڏيون. 1227ع ۾ سندس موت تائين شهنشاهت وڌندي رهي. هن جي وفات وقت منگول شهنشاهت ڪئسپين سمنڊ کان جپاني سمنڊ تائين پکڙيل هئي.
چنگيز خان کان پوءِ سندس جڳھہ سنڀاليندڙ اوگدائي خان جي دور ۾ منگول رياست پري پري تائين پکڙجي وئي. چنگيز خان جي مغرب واري مھم آخري جنگ هئي.
چنگيز خان جي ڪاميابيءَ جو وڏو سبب اولھہ ۽ اوڀر ترڪستان جا مسلمان هئا، جيڪي بادشاھہ نايمان ڪوچلڪ خان ۽ خوارزم جي هٿان ظلم برداشت ڪري چڪا هئا. انهن چنگيز خان کي پنھنجي نجات جو ذريعو سمجهيو. چنگيز خان ساڻس اچي ملندڙ مسلمان حاڪمن سان سھڻو سلوڪ ڪيو ۽ مٿن اعتماد جو اظهار ڪيو. چنگيز خان جڏهن بخارا پهتو تہ پنھنجي پٽ تولي خان سان گڏ گهوڙن تي سوار ٿي شھر جي جامع مسجد ۾ داخل ٿيو ۽ ان جي هڪ حصي ۾ گهوڙن لاءِ طنبيلو تيار ڪرايائين ۽ اتي جي عالمن ۽ مشائخن کي گهوڙن جي داڻي پاڻيءَ لاءِ مامور ڪيائين ۽ پاڻ پـنهـنجـن وزيـرن سـان گـڏ مـسجـد جـي هـڪـڙي حـصـي ۾ پـنهنجـي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو جشن ملهائڻ ۽ عيش عشرت جي محفل منعقد ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ٽئين ڏينهن شھر جي ٻاهران محلي ۾ شھر جي اشراف ۽ دولتمند ماڻهن کي گڏ ڪري، منبر تي بيهي ساڻن هنن لفظن ۾ مخاطب ٿيو:
”توهان جو گناھہ تمام وڏو آهي ۽ آءٌ ان جي محاسبي لاءِ مامور ڪيو ويو آهيان. آءٌ عذابِ الاهي آهيان، جيڪڏهن توهان ڪو وڏو گناھہ نہ ڪيو هجي ها تہ خدا مون کي عذاب بڻائي نہ موڪلي ها،“ ۽ ان بعد سمورن کي مارائي ڇڏيائين. هن ظالم شخص انسانن کي قتل ڪري انهن مان منارا اڏايا هئا.
دنيا جو هي ظالم صفت ماڻهو، 1227ع ۾ مري ويو، کيس منگوليا ۾ ڪنهن اڻ ڄاتي هنڌ دفن ڪيو ويو، جو سندس قبر جو بہ ڪنهن کي پتو نہ آهي.


لفظ چنگيز خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو