چورگپ

چورگپ: درياھہ جـي ڀرسـان ڪـن عـلائـقن ۾ چـورگپ هوندي آهي، جيڪا مٿان سُڪل ڏسڻ ۾ ايندي آهي، پر ماڻهو يا ڍور ان گپ ۾ پير رکندو آهي تہ هـيـٺ لـهنـدو ويـنـدو آهـي. چـور گـپ کـي ٻيـن لفظن ۾ ’ڌُٻـڻ‘ بہ چـوندا آهن، جيڪا وڏي ايراضيءَ ۾ ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مدد نہ ملڻ جي صورت ۾ ماڻهو يا ڍور هيٺ لهندو ويندو آهي ۽ گپ ۾ دٻجي گم ٿي ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو