چوغو مندر

چوغو مندر

چوغو مندر

چوغو مندر: گوتم ٻُڌ کانپوءِ ٻُڌ ڌرم جي پرچار ۽ رکشا لاءِ وقت بہ وقت ڪيترا پروهت ۽ مذهبي پيشوا پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن مان تبت جو ’تيشي لاما‘ (Teshi Lama) گهڻو مشھور ٿيو. هو ڌرمي پرچار لاءِ چين ويو، جتي هن لکـيـن مـاڻهـو پنـهنجـا پـوئلـڳ بنـايا، ايتـري قـدر جـو چـيـن جـو شهـنشاھہ ’چين لنگ‘ (Chien Lung) بہ سندس پيروڪار ٿيو هو، جنهن 1780ع ۾ سندس چوغي جي مٿان هڪ شاندار مندر جوڙايو هو، پيلي رنگ جو اِهو خوبصورت مندر، چين جي شھر بيجنگ ۾ آهي، جيڪو سوا ٻہ سؤ سال گذري وڃڻ کان پوءِ بہ هڪ شهنشاھہ جي عقيدت ۽ عظمت جي يادگار طور موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو