ڪوٽ دراوڙ جوهڪ ڏيک

ڪوٽ دراوڙ جوهڪ ڏيک

چولستان

چولستان: چولستان، اڳوڻي رياست بھاولپور جا ٽي ضلعا، رحيم يار خان، بھاول نگر ۽ رحيم يار خان تي مشتمل هڪ وسيع صحـرائي علائـقـو آهي، جيڪو آباد علائقي جي ڏکڻ ۾ ڀارت جي بيڪانير ۽ جيسلمير جي صحرائن جي اتر ۽ سنڌ جي ٿر جي اتر- اوڀر ۾ واقع آهي. هتان جي آبهوا شديد گرم آهي. گرميءَ جي موسم ۾ گرميءَ جو درجو 125 درجا بہ ٿي ويندو آهي. هتي واريءَ جا وڏا وڏا دڙا آهن، جيڪي ڪيترن هنڌن تي 500 فوٽن جي بلنديءَ تائين پهچن ٿا. برسات جي سالياني نسبت 4 کان 7 انچن تائين آهي. هتي جي آبادي گهڻو ڪري مالوند آهن، جن کي جتوال ۽ روهيلا چون ٿا. آباديءَ جو ڪاروبار اڪثر رڍون، ٻڪريون ۽ اٺ پالڻ آهي. هتي تعليم جي شرح گهٽ آهي. قديم وقت ۾ هن علائقي کي هاڪڙو درياھہ سيراب ڪندو هو. محققن جو خيال آهي تہ چولستان لفظ ترڪي ٻوليءَ جي لفظ ’چول‘ يعني ريگستان مان جُڙيو آهي. چولستان ۾ هر پاسي واريءَ جا دڙا پکڙيل آهن، جنهنڪري هن علائقي کي ’روهي‘ بہ چيو وڃي ٿو. عوامي ۽ صوفي شاعر خواجہ غلام فريد جي هيٺين شعرن مان روهيءَ جا زميني منظر (Landscapes) پَسي سگهجن ٿا:
 ٿل مارو دا پينڊا سارا، ٿيسم هڪ ٻلهانگ.
 اِٿ دردمندان دي ديرِي، جِت ڪِرڙ ڪَنڊا، ٻُوئِي ڍير اي.
 ’روهي‘ مست رنگيلڙي، ميرا يار مِلا دي!
دلدار ملا دي!
هڪ وار ملا دي!
چولستان يا روهيءَ جو هي وسيع صحرا ڪڏهن انتهائي سرسبز خطن ۾ شمار ٿيندو هو. هتان وهندڙ هاڪڙي درياھہ جي ڪناري تي ڪيترا ڳوٺ ۽ شھر آباد هئا، پر جڏهن هاڪڙي پنهنجو رخ تبديل ڪيو تہ هتان جون آباديون ويرانين ۾ تبديل ٿي ويون، جن جا آثار اڄ بہ سڄي خطي ۾ پکڙيل آهن. قديم آثارن جي ماهرن هتي اهڙا آثار ڳولي لڌا آهن، جيڪي ان دور جي تاريخ ٻُڌائين ٿا، جن ۾ ڪوٽ دراوڙ بہ هڪ اهم تاريخي ماڳ آهي. 1920ع ۾ جڏهن ستلج ويلي پراجيڪٽ شروع ٿيو تہ چولستان ۾ 450 ميل ڊگهيون نهريون کوٽيون ويون، پر انهن نهرن تائين پاڻي پهچي نہ سگهيو ۽ اُهي بند ڪيون ويون. 1946ع ۾ هتي پاڻيءَ جي پھچ وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اهڙن هنڌن تي تلاءَ ٺاهڻ جي رٿا جوڙي وئي، جتي پاڻي مٺو موجود هو ۽ جتان نهرون گذرنديون هيون. انهن ڍنڍن ۾ برسات وغيرہ جو پاڻي جمع ڪيو ويندو هو. 1976ع ۾ هڪ خودمختيار ادارو ’چولستان ڊيولپمينٽ اٿارٽي‘ جوڙيو ويو ۽ نين نهرن جي کوٽائي ڪئي وئي ۽ ٽيوب ويل لڳايا ويا.
هتان جي ماڻهن جي اڪثريتي ٻولي سرائيڪي آهي، پر هتي آباد بالميڪي هندو مارواڙي زبان بہ ڳالهائيندا آهن. جن کي ماڙيچا سڏيو ويندو آهي، انهن ماڙيچن مان موهن ڀڳت نالي راڳي تمام گهڻو مشھور آهي. سرائيڪي ٻوليءَ ۾ ’روهي‘ نالي سان هڪ ٽي. وي چئنل بہ جاري آهي.
هتي جي مالوند مارن جو مکيہ ڌنڌو مال چارڻ، پالڻ ۽ اُن جي اپت حاصل ڪرڻ آهي. رڍن جي اُنَ مان ڪيتريون شيون جوڙيون وڃن ٿيون، جن ۾ گِندِي (بيڊ شيٽ) خاص قسم جي مقامي هنر جو نمونو آهي. هتي اُٺ جي مِلس ۽ ٻڪرين جي ڏاس مان بہ ڪيتريون شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. ان کان سواءِ هتي ٺڪر جي ٿانون ۾ گگهيون، ڪُپا، پيالا وغيرہ ٺھن ٿا.
هتان جي زمين ۽ وارياسي ماحول جي باوجود ڪي حصا سرسبز آهن. هتان جا ماڻهو رنگين ڪپڙا پائين ٿا. عورتون ڳھن جون شوقين آهن، جن ۾ نٿ، ڪنٺمال، هار، رِمجهول، ٻانهيون، ڪنگڻ، سون ۽ چانديءَ جون منڊيون، ٻيڙا، چوڙيون، واليون ۽ ڦُلڙيون (پوپا) وغيرہ شامل آهن.


لفظ چولستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو