چونڊڪو (ديھہ): ضلعي خيرپور جي تعلقي ساماري ۾ موجود هڪ ديھہ، جنهن ۾ هي ڳوٺ شامل آهن:
چونڊڪو، خاوند ڏنو مير بحر، مير خان ڀنڀرو، موزل شاھہ، مٺل پنهيار، قـائـم خــان ڀنڀــرو، ڀليـڏنـو ڀنڀــرو، ڪـمـن خـان ڀنڀـرو، واحــد بخش ڀنڀرو، ارباب علي شاھہ، ننگر فقير، رب نواز وساڻ، لال بخش ڀنڀرو، راهب شيخ ۽ ميهر ملاح. ڳوٺ چونڊڪي جي آبادي 3000 کان مٿي آهي. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آهن ۽ هتي گيھہ جو واپار گهڻو ٿيندو آهي.