چونڊ مرثيه

چونڊ مرثيه

چونڊ مرثيہ

چونڊ مرثيہ (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ۾ مرثيي جي باني شاعر سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جي چونڊ مرثين تي مشتمل آهي، جنهن کي زوار عبدالستار درس مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ‘باقاعدہ سنڌي مرثيي جو باني سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي’ جي عنوان سان مرتب پاڻ لکيو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل تي سيد ثابت علي شاھہ جو روضو ڏنل آهي. ڊيمي سائيز ۾ هي ڪتاب پروفيسر سيد اعجاز علي شاھہ رضوي، سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي يادگار اڪيڊمي، ميرن جا قبا حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو. 130 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو