چونگي/ چُنگي: پاڙي يا عزيزن جي گهرن مان آيل ٻوڙ، ڀاڄيءَ وغيرہ کي چُونگي چئبو آهي. سنڌ ۾ خاص طور رواج آهي تہ گهر ۾ جيڪي رڌبو آهي، اُن تنهن مان ٿورو ذرو وٽيءَ ۾ وجهي پاڙي جي ويجهن گهرن ۾ چونگيءَ طور موڪلبو آهي. فصل جي بٽائيءَ وقت خيرات ۾ ڏنل داڻن کي بہ چُنگي چوندا آهن.
- ريجيل زمين جي کِرين يا اَڏ جي ڪناري تي هٿرادو پوکيل ٻج جي سلي کي بہ چُنگي چئبو آهي. اهڙيءَ طرح ڇڊي اڀريل پوک ۾ ڪٿي ڪٿي ڦٽل ٻُوڙي، گاھہ يا سلي جي مُچي کي بہ چُنگي سڏيو ويندو آهي.
- چُنگي، ناڪي يا محصول اوڳاڙڻ واري جاءِ کي بہ چيو ويندو آهي.