چوهاڻ

چوهاڻ: چوهاڻ ذات جا ماڻهو سنڌ ۾ خاص تعداد ۾ رهن ٿا. چوهاڻ پاڻ کي راجائي نسل جي 36 نکن مان هڪ نُک سڏين ٿا، جيڪا راجپوتن جي وڏي نُک ليکي وڃي ٿي. چوهاڻ راجپوت بھادر رهيا آهن ۽ هندستان جي حڪمران راج چوهاڻ'>پرٿوي راج چوهاڻ سان واسطو رکن ٿا. سندن اصل رهائش اجمير ۽ امبالا ۾ هئي. امبالا وارا چوهاڻ سورج ونسي آهن ۽ پاڻ کي ’بچا‘ سڏائين ٿا. امبالا جي آسپاس سندن 170 جي لڳ ڀڳ ڳوٺ آهن. امبالا ۾ رهندڙ چوهاڻ بہ ٻاهران آيل آهن. کين ٻن شاخن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا نمرانا ۽ ٻيا سرمک. نمرانا، راجا سنگهٽ جي اولاد مان آهن، جيڪو وڏي راجا چاهر ديو جو پوٽو ۽ پرٿوي راج جو ڀاءُ هو. انهن جون وري ٻہ نُکون آهن، هڪڙا رٿ ۽ ٻيا بگئوٽا. اهي ٻئي نکون گڙگائون کان لڏي امبالا ۾ وڃي آباد ٿيون آهن.
چوهاڻن جا دهليءَ جي آسپاس ڪجهہ ڳوٺ آهن. سوني پٽ تعلقي ۾ بہ سندن جهڪائولي نالي هڪ ڪالوني آهي، اتي هي هارپي جو ڪم ڪن ٿا. هندستان جي وچين (Central) ۽ الهندي (Western) ضلعن ۾ هي راجپوت بہ سڏجن تہ جٽ به، جيئن سيالڪوٽ پنجاب جا چوهاڻ سڏجن ٿا. امرتسر ۾ چوهاڻ هاري قبيلي ۾ شمار ٿين ٿا ۽ اتي بہ جت، راجپوت ۽ گجر سڏجن ٿا، جڏهن تہ منٽگمري ۽ شاهپور ۾ راجپوت ۽ جت سڏائين ٿا. بھاولپور ۾ سندن ٽي قبيلا، خالص، هشميرا ۽ کچي رهن ٿا. هشميرا مسلمان، کچي خان جا پونير آهن، جيڪو ڪجهہ سئو سال اڳ اجمير جو حڪمران هو. هنن مان ڪي کٽي، ڪي واڍا سڏائين ٿا. ملتان جا چوهاڻ زميندار آهن. پنجاب ۾ جتن جا ڪيترا قبيلا پاڻ کي چوهاڻ سڏائين ٿا، جن ۾ وڙائچ ۽ کچي اچي وڃن ٿا.
ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا موجب چوهاڻ، راجپوت نسل مان اصل ۾ گرجو يا گجر قوم جي هڪ شاخ آهن. اوڏ ۽ ’ديوڙا‘ بہ چوهاڻن مان آهن، ۽ چندر ونسي آهن.
هندستان جي الهندن صوبن جا چوهاڻ پنهنجون نياڻيون ڪڇ واهن، بدورين، بينگلن ۽ راٺوڙن کي ڏيندا آهن. ڇتيسڳڙھہ جا چوهاڻ چوڪيداري ۽ مزدوري ڪن ٿا. اتي هي چنڊال بہ سڏجن ٿا، حقيقت ۾ سندن اصل وطن مڻيپور آهي ۽ اتان جا اصل راجپوت آهن. هندو چوهاڻ درگا ديويءَ ۽ کوڙيار ماتا (مالهڻ) جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ديويءَ جي آڏو ٻڪر يا ٻڪريءَ جي قرباني ڪندا آهن، ان کي ’جهاٽڪو‘ چون. هي مڙدن کي ساڙيندا آهن، پر ٻارن کي پوريندا آهن. ٽن کان ستن ڏينهن تائين تڏو ڪندا. ڏهين ڏينهن سُوءَ لاهين، گهر جي صفائي ڪن. وهنجن ۽ رڌو پڪو ڪن.
سنڌ ۾ رهندڙ اڪثر چوهاڻ مسلمان بہ آهن تہ هندو بہ. هندو ذاتين: راجپوتن، سوٽهڙن، ميگهواڙن ۽ ڪولهين ۾ بہ چوهاڻ نُک آهي. سنڌ ۾ چوهاڻ ٿرپارڪر ضلعي کان سواءِ نوابشاھہ (بينظيرآباد) ضلعي ۾ بہ جام رهن ٿا. سڪرنڊ تعلقي ۾ سندن ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ جمعو چوهاڻ، نورمحمد چوهاڻ، چوهاڻ ڪالوني وغيرہ اچي وڃن ٿا.


لفظ چوهاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو