چوهاڻ ڀريو گاروڙي

چوهاڻ، ڀريو گاروڙي: سنڌ جي عام روايت موجب ڀريو گاروڙي ذات جو چوهاڻ هو ۽ ’گوگي پير‘ جو هڪ اهم ۽ هوشيار ٻالڪو هو. گوگو پير درويش هو ۽ نانگ بلائون سندس علم جي ڪري هن جا مطيع هئا. ڀريي کانئس اهو علم پرايو ۽ گوگي پير جي دعا حاصل ڪئي، جنهنڪري جهاڙ منتر جي علم جي زور سان هن نانگ نمايا. ٺٽي لڳ ’گُجي‘ جا چوهاڻ فقير پاڻ کي ڀريي گاوڙيءَ جو اولاد سڏائين ٿا ۽ ٺٽي واري هن ڀاڱي کي گوگي پير جو آخري آستان ۽ ’ڀريي گاروڙيءَ جو ماڳ‘ سڏيو وڃي ٿو. ٺٽي ۽ گجي جي وچ تي ڪراچيءَ ڏانهن ويندڙ شاهي رستي جي لڳ ڏکڻ طرف ’گوگي جا ٽَڪر‘ بہ مشھور آهن.
ڀريو گاروڙي سنڌ ۾ جهاڙ منتر جي علم جو وڏو اُستاد هو ٿي گذريو آهي، جنهن کي نانگن تي قبضو/ ملڪو حاصل هو. هن کي ننڍپڻ کان مرلين سان محبت هئي ۽ هن گرو جي دعا سان نانگ بلائون پنھنجي سڳي ۾ ٻڌا. روايت ملي ٿي تہ هڪ حسين عورت جي رضا خاطر خاطر ’ڀڄنگ‘ کي جهلڻ لاءِ هن ڪشالا ڪڍيا، جنهنڪري سندس موت ٿيو. شيشا ۽ پتڻ نالي ٻئي شاخون سنڌونديءَ جي دوآبي جون قديم شاخون آهن ۽ ميرپورساڪري تعلقي جي سامونڊي ڪناري جي اندرين ايراضيءَ ۾ انهن نالن سان کاريون اڄ تائين موجود آهن. انهن اهڃاڻن مان ڀريي گاروڙي جو ٺٽي واري انهيءَ ڀاڱي ۾ اچڻ جو گمان ظاهر ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو