چوهڙ (ديھہ): چوهڙ ديھہ تپي درساڻي ڇني تعلقي ڪراچيءَ، يونين ڪائونسل درساڻي ڇني، گڏاپ ٽائون ۾ آهي. چوهڙ ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي. جنهن جي نالي پويان هن ديھہ جو نالو ’چوهڙ‘ رکيو ويو آهي. هتي سنڌ مدرسي بورڊ جو قائداعظم پبلڪ اسڪول، ڪاليج ۽ گهاڙي قبرون موجود آهن. ڳوٺ رضا محمد جوکيي ۽ نواز علي جوکيي تائين هن ديھہ جون حدون لڳن ٿيون. لنڪ روڊ کان اسٽيل مل ڏانهن ويندي ملير کان هڪ نئن تائين ٻنهي پاسي هن ديھہ جون حدون آهن. هيءُ هڪ زرعي علائقو آهي.
چوهڙ پور: تعلقي لاڙڪاڻي جي هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
چوهڙپور، ماهوٽا، اسلام چاچڙ، گلاب چاچڙ، حاجي موٽالو جاگيراڻي، سگر ڪين فارم، حاجي ولي محمد جاگيراڻي ۽ جلال جاگيراڻي.