چوهڙ جمالي

چوهڙ جمالي: چوهڙ جمالي ٺٽي ضلعي جي تعلقي شاهبندر ۾ هڪ وڏو شھر شمار ڪيو وڃي ٿو. شاهبندر شھر جي ڦِٽڻ کانپوءِ اتان جا گهڻا ماڻهو، واپاري ۽ هنرمند لڏي چوهڙ جماليءَ ۾ اچي آباد ٿيا. هن وقت پنجن هزارن کان وڌيڪ آباديءَ وارو شھر آهي. هتي چانورن ۽ گيھہ جو واپار هلندو آهي. هن شھر کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. هتي پهريائين 1904ع ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو، ان کانپوءِ هن وقت گرلس مڊل اسڪول ۽ بوائز هاءِ اسڪول قائم آهن. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هتي سدائين ٻوڏ جو ڊپ رهندو هو. هتان ستاھہ واھہ، درياھہ مان نڪري، 35 ميل کن علائقي کي سيراب ڪندو، سير پکار ذريعي سمنڊ ۾ پوندو هو. سکر بئراج کانپوءِ هن طرف پاڻي گهٽ اچي ٿو. جنهنڪري ستاھہ واھہ جو پيٽ مس ٿو ڀرجي. چوهڙ جماليءَ ڀرسان مشھور درويش اڀن شاھہ جي نالي سان ٽڪر آهن، جن مان هڪڙي ٽڪر تي اڀن شاھہ جي تربت بہ اڏيل آهي. ان کان علاوہ ٽڪر تي ڪيهرن ڄامن جا بہ قبا موجود آهن.
هن شھر جو مشھور اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نقاد هيرو شيوڪاڻي، الهاس نگر (ڀارت) ۾ رهي ٿو. هن وقت جو هاڪارو اديب حافظ حبيب سنڌي چوهڙ جماليءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ چوهڙ جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو