چوهڙ شيخ عبدالجليل

چوهڙ، شيخ عبدالجليل: شيخ عبدالجليل چوهڙ، هڪ ناميارو بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن بابت ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته، ”شيخ عبدالجليل چوهڙ، بزرگ، قطب عالم، شيخ چوهڙ جي نالي سان مشھور آهي. هن جو تعلق نائين صديءَ هجري/ پندرهين صديءَ عيسويءَ سان آهي ۽ هي قديم شھر موءِ مبارڪ، ضلعي رحيم يار خان جو رهاڪو هو.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن بزرگ بابت لکيو آهي ته، ”شيخ عبدالجليل چوهڙ، سلطان بھلول لوڌيءَ (1451- 1489ع) جو ناٺي هو. حسب نسب جي لحاظ کان هو موءِ مبارڪ جي مشھور ولي شيخ حميدالدين ’حاڪم‘ جي پنجين پشت مان هو. شيخ حميدالدين وري غوث بھاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جو ناٺي هو، جنهنڪري شيخ حميدالدين حاڪم جي خاندان ۽ اولاد جو بھاءُ الدين زڪريا جي خاندان ۽ اولاد سان عزازت توڙي طريقت جو گهاٽو رستو هو. انهيءَ سبب بھاءُ الدين زڪريا جي سنڌي مريدن ۽ معتقدن جو حميد حاڪم جي اولاد سان پڻ تعلق وڌيو.“ [سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ].
شيخ چوهڙ وٽ سماع جون محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌي ڪلام بہ ڳائبا هئا. شيخ چوهڙ جي سوانح ۽ ملفوظات جو ذڪر ’تذڪره قطبيه‘ ۾ موجود آهي. هي سماع جون محفلون دهليءَ تائين قائم ۽ مقبول ٿيون. شاھہ رڪن عالم جي محفلن ۾ حسن قوال ۽ حضرت نظام الدين اولياء وٽ حسين قوال جي گهڻي شھرت هئي. سماع جا هي سلسلا تمام گهڻو مقبول ٿيا، جن ۾ سنڌي ڪلام بہ ڳايو ويندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي شاعري انهن سماعن جي مکيہ ٻولي ۽ شاعري هئي. شيخ چوهڙ پاڻ بہ سنڌي ڄاڻندو هو. روايت آهي تہ سندس ڪن عزيزن، شيخ چوهڙ کي قتل ڪرڻ جي سازش سٽي، پر غلطيءَ سان هڪ ڏوم (مڱڻهار) کي ماري وڌائون، جنهن تي شيخ چوهڙ هڪ بيت چيو، جنهن جي هڪ سٽ هن ريت آهي:
لڳي لڄ قريشيان، ماري ڏوم فقير،
شيخ چوهڙ جا سنڌيءَ ۾ ٻيا بہ ڪيترا بيت تاريخ جي تذڪرن ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو