چوٽاڻي سپڙ

چوٽاڻي سپڙ: سپڙ چوٽاڻي وڏو سخي، عادل، بهادر ۽ رعيت جو هڏ ڏوکي ڏاتار ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ جو نالو رونجھو هو. هن جو حسب نسب ڄام لاکي سان ملي ٿو. رونجھو ذات جو سمو هو، جنهن جو اولاد ’رونجھا‘ سڏيا ويا. رونجھن، گجرن سان وڙهي لسٻيلي جي حاڪميت حاصل ڪئي هئي. سندن چوويهن ڄڻن سنڌ ۽ بلوچستان تي ٽي سؤ سال کن حڪومت ڪئي هئي. جنهن دؤر ۾ ڄام انڙ ڌيرڪ پرڳڻي تي حڪومت ڪري رهيو هو، ان وقت ڪڇ جي ٻيلي، کڙير، چوٽاڻي ۽ سنڌ جي ڪجهه وارياسي ۽ ڀٽن واري علائقي تي ڄام سپڙ حڪمران هو. جنهن کي شاهه لطيف ’ٻيلي ڌڻي‘، ’ڀٽ ڌڻي‘ ۽ ’چوٽاڻي‘ به سڏيو آهي. سندن سخاوت ايتري ته مشهور هئي جو رعيت کيس ’ڏاتار‘ سڏيندي هئي.
شاهه صاحب سپڙ کي سورمن جي صف ۾ شامل ڪندي فرمايو آهي:
وهـيـن سـڪـا سـانگ، چوٽاڻـي چــوٽ ڀري،
ڏيــو ڏان ڏڏن کـي، ســـپـڙ سـخـي ڏي،
اِن راهه مٿي رونجھي، ماڻڪ اڇليا مينهن جيئن.
ڄام سپڙ جي دؤر ۾ واهه ڍنڍون ۽ ڍورا چوٽ تي وهندا هئا، هر طرف ساوڪ هوندي هئي ۽ مالوند ماڻهو خوشحال هوندا هئا. ملڪ ۾ امن و امان هوندو هو. وٽائنس ڪو به سوالي خالي نه ويندو هو. غريبن ۽ محتاجن جي گھر ويٺي مدد ڪندو هو. تنهنڪري شاهه سائينءَ فرمايو:
چارڻ چڱو، پنڌ گهڻو، ڪي چوٽاڻيءَ چئيج،
هـِت ڪــي هـلائـيـج، اُتـي آءٌ نه پـُڄـڻــو!
ڪي اهڙا به غريب ۽ محتاج گھُرجائو هوندا هئا، جيڪي هلڻ کان لاچار هئڻ ڪري نياپو موڪليندا هئا ۽ سپڙ اَن جا گھوڙا ڀري سندن گھر موڪلي ڏيندو هو. هو وڏو پارکو هو، ملاقاتين ۽ سوالين کي ڏسندي سمجھي ويندو هو ته هي شخص ڪهڙي ڪم لاءِ آيو آهي. ان ڪري، پهرين ان جي ضرورت پوري ڪندو هو، پوءِ ڪچهري ڪندو هو. هو شاهه سائين جو سورمو، راڳ ۽ ساز جو پارکو ۽ شوقين هو، جنهن ڪري ڪيترا مڱڻا اسر مهل سندس در تي وڃي ’وهاڳ‘ ڏيندا هئا، ان ڪري کين جھجھو مال ملندو هو:
اُڀريو تارو، اٿي وَرَ! وِهاڳُ ڏي،
سپڙ ريسارو، چِت پرکي چارڻين!
(شاهه: قاسمي، 592، سر پرڀاتي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو