چوٽاڻي سپڙ: سپڙ چوٽاڻي وڏو سخي، عادل، بھادر ۽ رعيت جو هڏ ڏوکي ڏاتار ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ جو نالو رونجهو هو. هن جو حسب نسب ڄام لاکي سان ملي ٿو. رونجهو ذات جو سمو هو، جنهن جو اولاد ’رونجها‘ سڏيا ويا. رونجهن، گجرن سان وڙهي لسٻيلي جي حاڪميت حاصل ڪئي هئي. سندن چوويهن ڄڻن سنڌ ۽ بلوچستان تي ٽي سؤ سال کن حڪومت ڪئي هئي. جنهن دؤر ۾ ڄام انڙ ڌيرڪ پرڳڻي تي حڪومت ڪري رهيو هو، ان وقت ڪڇ جي ٻيلي، کڙير، چوٽاڻي ۽ سنڌ جي ڪجهہ وارياسي ۽ ڀٽن واري علائقي تي ڄام سپڙ حڪمران هو. جنهن کي شاھہ لطيف ’ٻيلي ڌڻي‘، ’ڀٽ ڌڻي‘ ۽ ’چوٽاڻي‘ بہ سڏيو آهي. سندن سخاوت ايتري تہ مشھور هئي جو رعيت کيس ’ڏاتار‘ سڏيندي هئي.
شاھہ صاحب سپڙ کي سورمن جي صف ۾ شامل ڪندي فرمايو آهي:
وهـيـن سـڪـا سـانگ، چوٽاڻـي چــوٽ ڀري،
ڏيــو ڏان ڏڏن کـي، ســـپـڙ سـخـي ڏي،
اِن راھہ مٿي رونجهي، ماڻڪ اڇليا مينهن جيئن.
ڄام سپڙ جي دؤر ۾ واھہ ڍنڍون ۽ ڍورا چوٽ تي وهندا هئا، هر طرف ساوڪ هوندي هئي ۽ مالوند ماڻهو خوشحال هوندا هئا. ملڪ ۾ امن و امان هوندو هو. وٽائنس ڪو بہ سوالي خالي نہ ويندو هو. غريبن ۽ محتاجن جي گهر ويٺي مدد ڪندو هو. تنهنڪري شاھہ سائينءَ فرمايو:
چارڻ چڱو، پنڌ گهڻو، ڪي چوٽاڻيءَ چئيج،
هـِت ڪــي هـلائـيـج، اُتـي آءٌ نہ پـُڄـڻــو!
ڪي اهڙا بہ غريب ۽ محتاج گهُرجائو هوندا هئا، جيڪي هلڻ کان لاچار هئڻ ڪري نياپو موڪليندا هئا ۽ سپڙ اَن جا گهوڙا ڀري سندن گهر موڪلي ڏيندو هو. هو وڏو پارکو هو، ملاقاتين ۽ سوالين کي ڏسندي سمجهي ويندو هو تہ هي شخص ڪهڙي ڪم لاءِ آيو آهي. ان ڪري، پهرين ان جي ضرورت پوري ڪندو هو، پوءِ ڪچهري ڪندو هو. هو شاھہ سائين جو سورمو، راڳ ۽ ساز جو پارکو ۽ شوقين هو، جنهن ڪري ڪيترا مڱڻا اسر مھل سندس در تي وڃي ’وهاڳ‘ ڏيندا هئا، ان ڪري کين جهجهو مال ملندو هو:
اُڀريو تارو، اٿي وَرَ! وِهاڳُ ڏي،
سپڙ ريسارو، چِت پرکي چارڻين!
(شاھہ: قاسمي، 592، سر پرڀاتي)