چوٽوکو: هي ماڳ69012 50'' اوڀر، 27035 05'' اتر ڊگرين تي ڳوٺ چوٽوکو تعلقي روھڙي، ضلعي سکر جي هڪ وارياسي پٽ تي آهي، جنھن جي ماپ اوڀر- اولھہ ڊيگهہ 333 ميٽر ۽ اتر- ڏکڻ ويڪر 200 ميٽر آھي. ھي ماڳ ڳوٺ واس کان ٻہ ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف، ڳوٺ لنڊرو جي ڏکڻ- اولھہ ۾ ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ روھڙيءَ کان ڏکڻ- اوڀر 41 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آھي. هتان مليل وٿن ۾ پٿر جون ڪورون ۽ ٺڪراٺو مليو آھي. جيڪو سنڌو تھذيب جي ڳاڙهي ٿر تي ڪاري ليڪي واري سڃاڻپ رکي ٿو. ٺڪراٺي ۾: ڪنا، چلمون، پاٽوڙا، چاڏيون وغيرہ ملن ٿيون. ڪن ٺڪرن تي ڪارو پٽو ۽ گهاٽيون ڪاريون لڪيرون بہ آھن. ھي ماڳ پٿر واري دور کان سنڌو تھذيب تائين جي وٿن سان ڀريل آھي.