چوٽياريون: ضلعي ۽ تعلقي سانگهڙ جي هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ هي ڳوٺ شامل آهن:
چوٽياريون، جوڳيون پِٽَ، وزير شاھہ، علي اڪبر شاھہ، جاني جوڻيجو، ڳوٺ جاند علي شاھہ، بندہ علي شاھہ، دين محمد راڄڙ ۽ مير محمد علي جوڻيجو.
ڳوٺ چوٽياريون، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ جي ديھہ چوٽياريون ۾ آهي. هن ڳوٺ ۾ 19 صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري هڪ عظيم الشان درسگاھہ هئي، جنهن ۾ مصلح المفتاح (دائري وارن جي سنڌي) ۽ ٻيو نصاب پڙهايو ويندو هو. ان کان پوءِ فارسي ۽ آخر ۾ عربي پڙهائي ويندي هئي. مشھور بزرگ سيد محمد عثمان شاھہ سنڌ جي هن درسگاھہ جو فارغ التحصيل هو.هيءَ درسگاھہ انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ اوج تي هئي.