چوٽيون

چوٽيون

چوٽيون

چوٽيون: چوٽيون يا چوٽي، سنڌي عورت جي سونهن ۽ سڃاڻپ جي نشاني آهي. هنن کي سڳيون بہ چئبو آهي. سهاڳڻ عورت کي ڳاڙهي سُٽ، پٽ يا پشم سان ٺهيل چوٽي پارائي ويندي آهي، جنهن ۾ هيٺ ڳانا ۽ گُل، سون، چاندي، موتين، ريشم، پشم ۽ ڪشميري جا ٿيندا آهن. ڪنواريون ڇوڪريون ڪاري سادي چوٽي پائينديون آهن. شادي شدہ عورتون ٽؤنرن ۽ جهالرن واريون چوٽيون پائينديون آهن. وارن جي چوٽي بہ ڳُنڌبي آهي، جنهن کي ’چوٽا‘ بہ چيو ويندو آهي.


لفظ چوٽيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو