چوٿين مارچ جو واقعو: چار مارچ 1967ع، سنڌي شاگردن جي سياسي جدوجهد، جرئت ۽ عمل جو هڪ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن راجپوتانا اسپتال حيدرآباد واري هنڌ تي سنڌي شاگردن جي جلوس تي پوليس لٺبازي ڪري سوين شاگرد زخمي ڪيا هئا. هن واقعي جو هڪ وسيع پسمنظر آهي. ونيونٽ دؤر ۾ مرڪز پاران ٿيندڙ مسلسل زيادتين خلاف سنڌي ماڻهن اندر هڪ سياسي ۽ قومي سوچ اُڀري رهي هئي. ان ڪري هن واقعي کي ايوبي آمريت خلاف عوامي اُڀار ۽ مزاحمت جي علامت ۽ سنڌ جي حقن واري سياست جي سلسلي ۾ مُک موڙ (Turning Point) سمجهيو وڃي ٿو.
ننڍي کنڊ جي مسلم ٿورائيءَ وارن علائقن جي ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ، لياقت علي خان جي حامين پاران ڪراچي، جيڪب آباد ۽ نوابشاهه ۾ ٿيل فرقيوار فسادن، 3 مئي 1948ع تي دستور ساز اسيمبليءَ جي ٺهراءُ ذريعي ڪراچيءَ کي سنڌ کان کسي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بنائڻ، قومپرست سياستدانن جي. ايم. سيد، خان عبدالغفار خان کي نظربند ڪرڻ، پروڊا ۽ ايبڊو ائڪٽ هيٺ سياستدانن کي نااهل قرار ڏيڻ، بنگال ۾ ٻوليءَ جو مسئلو اُٿڻ ۽ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو 22 فبروري 1952ع تي عام ڪوس ٿيڻ، بنگالين ۽ ننڍن صوبن جي سگهه کي ونيونٽ ذريعي چٿڻ، عظيم تاريخي پسمنظر رکندڙ صوبن کي ختم ڪرڻ ۽ خاص طرح سان ونيونٽ کان پوءِ 1960ع واري ڏهاڪي دوران ايوبي آمريت ۾ ٿيل زيادتين ۽ محرومين جو احساس، سنڌ ۾ شدت سان محسوس ڪيو ويو، سنڌ سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي استحصال جو شڪار ٿي وئي. سنڌي تعليم کي پرائمريءَ تائين محدود ڪرڻ لاءِ نام نهاد شريف ڪميشن جون پاليسيون مڙهڻ ۽ جنرل ايوب جي مارشل لا دوران سنڌ جي سياست، سياسي حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ کي سلب ڪرڻ خلاف، جتي سنڌ جا اديب ۽ شاعر ثقافتي محاذ تي مزاحمت ڪري رهيا هئا، اُتي سنڌ جا قومي سياستدان مختلف محاذن تان جدوجهد ۾ مصروف هئا. نتيجي طور جي. ايم. سيد، حيدربخش جتوئي، شيخ اياز، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين وطن دوست ماڻهن کي مختلف جيلن ۾ بند ڪيو ويو. ڪتابن تي پابندين لڳائڻ سميت ڇاپخانا ضبط ڪيا ويا، سنڌي فائنل امتحان کي ختم ڪيو ويو.سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سنڌ لفظ لکڻ تي پابندي لڳائي، سنڌ کي سابق سنڌ لکڻ ۽ پڙهڻ جا سرڪاري حڪمناما ڪڍيا ويا. 4 مارچ جي واقعي پٺيان اهو ڊگهو سياسي پسمنظر هو. حيدرآباد ۾ راجپوتانه اسپتال لڳ 4 مارچ واري ٿيل واقعي ۽ هن تحريڪ جا ٻيا به ڪجهه محرڪ هئا: ان وقت سڄي ملڪ وانگر سنڌ ۾ سياسي بيچيني انتها تي پهتل هئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليم دوست وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي هٽائڻ واري سازش جو ذميوار شاگردن، ڪمشنر مسرور حسن کي ڄاتو ٿي، ان ڪري هن ڏينهن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي جلوس ڪڍي حيدرآباد ۾ هڪ مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻو هو. ان مظاهري لاءِ شاگرد ۽ اديب جڏهن ڄام شوري جي پُل اُڪري، حيدرآباد ڏانهن وڌيا ته پوليس پهرين کين ڄام شوري پُل تي روڪيو ۽ پوءِ کين راجپوتانه اسپتال لڳ رستي تي روڪي، پاڻيءَ جي دٻن واري ميدان تي مٿن وحشياڻو تشدد ۽ سخت لٺبازي ڪئي. هيءَ وحشياڻي ڪارروائي، ڊويزنل ڪمشنر مسرور حسن جي چوڻ تي ٿي هئي جيڪو انڊين سروس جي ڪاموراشاهيءَ جو پليل مغرور انسان هو. هن جهڙن ڪامورن جي، ورهاڱي (1947ع) کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ٻيگهي متل هئي. هن واقعي ۾ 307 شاگرد گرفتار ٿيا ۽ ڪيترن جا مٿا ڦاٽا.
گرفتار ٿيل شاگردن ۾ ان وقت جا مشهور شاگرد اڳواڻ: يوسف لغاري، عبدالرحيم سمون، مسعود نوراني، يوسف ٽالپر، مجيب پيرزادو، مسعود پيرزادو، اشفاق ميمڻ، لياقت جتوئي، منور ميمڻ، مظفر حسين شيخ، آغا زاهد، رفيق صفي، شريف ميمڻ، آفتاب اسراڻ، ڄام ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. گرفتار شاگردن تي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ شاگردن پاران رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي (سينيئر) ۽ محمد ميمڻ وڪيل هئا. 4 مارچ جو ڏهاڙو جتي سنڌ اندر قومپرست تحريڪ جو بنياد ثابت ٿيو، اتي هن واقعي شاگردن ۾قومي جاڳرتا جو روح به ڦوڪيو.
4 مارچ سنڌ جي سياسي جدوجهد جو آغاز ۽ شاگردن جي جدوجهد ۽ جرئت جي اظهار جو ڏينهن آهي، جنهن سنڌي ماڻهن کي اجتماعي اتساهه بخشيو ۽ اڳتي هلي سنڌ ۾ منظم قومي پارٽين جنم ورتو. هن وقت به قومپرست سياست سان واڳيل اڪثر جماعتون، هن قوميءَ ڏهاڙي کي پابنديءَ سان ملهائينديون رهن ٿيون.
1967.03.04 عيسوي
چار مارچ 1967ع، سنڌي شاگردن جي سياسي جدوجهد، جرئت ۽ عمل جو هڪ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن راجپوتانا اسپتال حيدرآباد واري هنڌ تي سنڌي شاگردن جي جلوس تي پوليس لٺبازي ڪري سوين شاگرد زخمي ڪيا هئا. هن واقعي جو هڪ وسيع پسمنظر آهي. ونيونٽ دؤر ۾ مرڪز پاران ٿيندڙ مسلسل زيادتين خلاف سنڌي ماڻهن اندر هڪ سياسي ۽ قومي سوچ اُڀري رهي هئي. ان ڪري هن واقعي کي ايوبي آمريت خلاف عوامي اُڀار ۽ مزاحمت جي علامت ۽ سنڌ جي حقن واري سياست جي سلسلي ۾ مُک موڙ (Turning Point) سمجهيو وڃي ٿو.
1948.05.03 عيسوي
ننڍي کنڊ جي مسلم ٿورائيءَ وارن علائقن جي ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ، لياقت علي خان جي حامين پاران ڪراچي، جيڪب آباد ۽ نوابشاهه ۾ ٿيل فرقيوار فسادن، 3 مئي 1948ع تي دستور ساز اسيمبليءَ جي ٺهراءُ ذريعي ڪراچيءَ کي سنڌ کان کسي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بنائڻ، قومپرست سياستدانن جي. ايم. سيد، خان عبدالغفار خان کي نظربند ڪرڻ، پروڊا ۽ ايبڊو ائڪٽ هيٺ سياستدانن کي نااهل قرار ڏيڻ
1952.02.22 عيسوي
بنگال ۾ ٻوليءَ جو مسئلو اُٿڻ ۽ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو 22 فبروري 1952ع تي عام ڪوس ٿيڻ،