چوچڪ بيگم

چوچڪ بيگم: چوچڪ بيگم مرزا شاھہ حسن بيگ ارغون جي ڌيءُ هئي. جڏهن 950ھہ مطابق 1573ع ۾ مرزا ڪامران هزاره کان سنڌ ۾ آيو، تڏهن مرزا شاھہ حسنپاٽ‘ شھر ۾ سندس رهائش جو انتظام ڪيو. چوچڪ بيگم جو رشتو مرزا شاھہ حسن سياسي جوڙ توڙ سبب پهرين ناصر مرزا کي آڇيو هو ۽ آخر ۾ ڪامران مرزا کي، همايون مرزا سان ويڙهائي، 953ھہ مطابق 1546ع ۾ کيس نڪاح وجهي ڏنائين. همايون مرزا جڏهن مرزا ڪامران تي فتح حاصل ڪري سندس اکيون ڪڍرائي ڇڏيون، تڏهن ڪامران مرزا مڪي وڃڻ لاءِ بکر پهتو. ان وقت شاھہ حسن مرزا چوچڪ بيگم کي ڪامران مرزا کان الڳ ڪري پاڻ وٽ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چوچڪ بيگم پنھنجي مڙس کي ڇڏڻ کان بنھہ نابري واري ڇڏي ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مڙس وٽ بکر وڃڻ لاءِ تيار ٿي، سندس پيءُ شاھہ حسن مرزا اچي چوچڪ بيگم کي گهڻو سمجهايو، جنهن تي چوچڪ بيگم کيس وراڻيو تہ ڪامران جڏهن اکين وارو هو، تڏهن توهان پاڻ مون کي سندس حوالي ڪيو ۽ اڄ جڏهن هو اکين کان جڏو ٿي چڪو آهي تہ هاڻي مون کي کانئس ڌار ٿا ڪريو، آءُ اهڙي قسم جي بدنامي پنھنجي سر تي نٿي کڻي سگهان. ان کان پوءِ چوچڪ بيگم وڃي ڪامران مرزا وٽ پهتي جتان هي ٻئي مڪي طرف روانا ٿيا ۽ اُتي ئي رهائش اختيار ڪيائون. ڪجهہ سالن کانپوءِ سن 954ھہ مطابق 1556ع ۾ ڪامران مرزا وفات ڪري ويو، جنهن کان ست مهينا پوءِ چوچڪ بيگم بہ وفات ڪئي، ٻنهي جون قبرون اتي آهن.


لفظ چوچڪ بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو