چوڌري: چوڌري لقب بہ آهي ۽ بھاولپور جو هڪ قبيلو بہ آهي. هن قبيلي جا ڪل چار پاڙا مشھور آهن: جنجاڻي، حسبراڻي، همداڻي ۽ ڌاداڻي، جيڪي چون ٿا تہ هُو اصل ۾ سلجوق آهن. هنن جو اصل ۾ پيشو ٻني ٻارو ڪرڻ آهي. چوڌري سنڌ ۾ پنجاب کان آيا آهن، ۽ پنجاب ۾ اڄ بہ وڌربال نالي سان جھلم واري علائقي ۾ رهن ٿا. هي تعلقيدار آهن ۽ زميندارن جا نمائندا ڪري ليکجن ٿا. تعلقيدار اتان جي زميندارن کان وڌيڪ حيثيت رکن ٿا، جو اُهي منظم آهن. چوڌري گهڻو ڪري پاڻ ۾ ڏي وٺ ذريعي شاديون ڪندا آهن، پر ٻاهران سڱ ڪو نہ وٺن. هن قبيلي جي پويان گجرات (ڀارت) ۽ مهاراشٽر ۾ ’چوڌري‘ نالي ٻولي بہ ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا گجراتي لپيءَ ۾ لکبي آهي. هي ماڻهو پنھنجي ٻوليءَ کان سواءِ گجراتي ۽ هندي بہ ڳالهائيندا آهن.
پنجاب ۾ ’چوڌري‘ لقب سنڌي لفظ ’وڏيري‘ واري معنيٰ ۾ بہ استعمال ٿيندو آهي.