چوڌري شجاعت حسين

چوڌري شجاعت حسين

چوڌري شجاعت حسين

چوڌري شجاعت حسين: نامياري سياستدان چوڌري شجاعت حسين 27 جـنوري 1946ع ڌاري چوڌري ظـهـور الاهـيءَ جــي گهـر ۾ جـنـم ورتــو. ڪرسچن ڪاليج فار مئن، لاهور مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد هن انگلنڊ مان انڊسٽريل مئنيجمينٽ ڪورس پاس ڪيو. سندس والد چوڌري ظهور الاهي هڪ بااثر سياستدان ٿي گذريو آهي. چوڌري شجاعت حسين سياست جو آغـاز 1981ع کـان ڪيـو. پهريون ڀيرو 1982ع کـان 1987ع تـائـيـن قـومـي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، جنهن بعد مسلسل سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. سـندس سـياسـت جو شروعاتي عرصو ميان نوازشريف سان گڏ رهيو. 1986ع ۾ هو اطلاعات ۽ نشريات کاتي جو وفاقي وزير، 1987ع کان 1988ع تائين صنعت ۽ پيداوار جو وزير، 1990ع کان 1993ع تائين گهرو وزير رهيو ۽ 1997ع کان 1999ع تائين هن گهرو وزارت سان گڏ نارڪوٽيڪس ڪنٽرول کاتي جو قلمدان به سنڀاليو. ان عرصي دوران هو 1985ع کان 1986ع تائين قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان مسلم ليگ جو پارلياماني ليڊر ۽ 1988ع کان 1990ع تائين اپوزيشن ليڊر به رهيو. 1997ع کان 1999ع تائين هو مسلم ليگ پنجاب جو صدر رهيو. آڪٽوبر 1999ع ۾ جڏهن نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف ملڪ جي سربراهي سنڀالي ته ان عرصي دوران چوڌري شجاعت پنهنجي ويجهن ساٿين سان مشاورت بعد پاڪستان مسلم ليگ (قائداعظم) جو بنياد وڌو، جنهن جو پاڻ صدر منتخب ٿيو. جنرل پرويز مشرف هن پارٽيءَ جو حامي رهيو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ ق ليگ اڪثريت سان کٽي آئي، جنهن بعد ظفر الله جماليءَ کي وزيراعظم منتخب ڪيو ويو، ٻن سالن بعد ظفر جماليءَ جي استعيفيٰ بعد چوڌري شجاعت پارليامينٽ مان وزيراعظم چونڊيو ويو، جنهن اڳتي هلي اڳوڻي وزير خزانه شوڪت عزيز کي ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ڪرايو ۽ ق ليگ طرفان ان کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. چوڌري شجاعت هن وقت به مسلم ليگ قائداعظم جو مکيه اڳواڻ آهي، جڏهن ته پرويز الاهي'>چوڌري پرويز الاهي، مشاهد حسين سيد، طارق عظيم ۽ ٻيا مرڪزي رهنما طور سندس ساٿي آهن. تازو مسلم ليگ (ق) مفاهمتي سـياسـت تي عـمل ڪنـدي، پيـپلـز پـارٽيءَ سـان حـڪـومـتي اتحاد ۾ شامل ٿي آهي.


لفظ چوڌري شجاعت حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.01.27  عيسوي

نامياري سياستدان چوڌري شجاعت حسين 27 جـنوري 1946ع ڌاري چوڌري ظـهـور الاهـيءَ جــي گهـر ۾ جـنـم ورتــو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
نکل آڏواڻي
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
حسن بانگو ڀاڻوٺي
آغا محمد علي
شفيع محمد شاهه
جمن دربدر
اوباما بارڪ
اقرا عزيز
سيد معشوق علي شاهه دهلوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون