چوڌري، فضل الاهي

چوڌري، فضل الاهي

چوڌري فضل الاهي

چوڌري، فضل الاهي: اڳوڻو صدر مملڪت فضل الاهي چوڌري، پهرين جنوري 1904ع تي مراله گوجران، تعلقي کاريان، ضلعي گجرات ۾ پيدا ٿيو. هن عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (معاشيات) ۽ ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هن گجرات ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1945ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ پنجاب جو تعليم ۽ صحت جو وزير ٿيو. 1936ع ۾ اولھہ پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ان اسيمبليءَ جو اسپيڪر بہ رهيو. 1962ع ۽ 1965ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 1965ع کان 1969ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو. 1970ع ۾ هو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٽيون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ پهرين قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ پوءِ صدر ٿيو. ان عهدي تي هن 16 سيپٽمبر 1978ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. چوڌري فضل الاهي پهرين جون 1982ع تي وفات ڪئي.


لفظ چوڌري فضل الاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.01.01  عيسوي

اڳوڻو صدر مملڪت فضل الاهي چوڌري، پهرين جنوري 1904ع تي مراله گوجران، تعلقي کاريان، ضلعي گجرات ۾ پيدا ٿيو.


1978.09.16  عيسوي

چوڌري فضل الاهي 1970ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٽيون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ پهرين قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ پوءِ صدر ٿيو. ان عهدي تي هن 16 سيپٽمبر 1978ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.


1982.06.01  عيسوي

چوڌري فضل الاهي پهرين جون 1982ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روي شنڪر پنڊت
پارس جهانزيب
شمس الدين سومرو
عبدالقادر لغاري مولوي
حافظ رفيق احمد انڍڙ
ضياء الدين نخشبي
قاضي اياز مهيسر
ڀاٽيا وشنو
ٻتڙ فقير پٽ ڇڇر
حامد شاھہ فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون