چوڏاهي جا پير: هي بزرگ سنڌ جي مشھور/ معروف لڪياري سادات سان واسطو رکن ٿا. سندن مورث اعلى سيد شڪر ﷲ شاھہ کٽڻ، شاھہ لڪيءَ مان لڏي ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ چوڏاهي ضلعي خيرپورميرس ۾ اچي ويٺو. پنھنجي وقت جو وڏو ولي ٿي گذريو آهي. پاڳارن جي وڏي سيد محمد بقا شاھہ سان سٺا تعلقات هئس. سيد شڪر ﷲ شاھہ جي وفات کانپوءِ سندس فرزند سيد سائين ڏنو شاھہ گادي نشين ٿيو. جيڪو پڻ وڏو معرفت جو صاحب هوندو هو. وقت جو حاڪم مير سهراب خان سندس عقيدتمند هو. سيد سائين ڏني شاھہ جي وفات بعد سندس پٽ سيد غلام مرتضى شاھہ پيريءَ جي گادي تي ويٺو. هو بہ هڪ اهل درويش ۽ فيض وارو پير ٿي گذريو آهي. هن جا ڪيترائي مريد هئا. سندس سئوٽ سيد گل محمد شاھہ بہ هڪ وڏو فيض وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. ان جي وفات 18 جمادي الاول 1274ھہ مطابق 1825ع ۾ ٿي. پير غلام مرتضى شاھہ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ گنبل شاھہ گادي تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ سندس درگاھہ وڌيڪ ترقي ڪئي. پاڻ پير حزب ﷲ شاھہ پاڳاري جو مريد هو، هن 1327ھہ مطابق 1909ع ۾ وفات ڪئي، هو سنڌي ۽ فارسيءَ جو هڪ سٺو شاعر بہ هو. گنبل شاھہ جي وفات بعد سندس ننڍو پٽ سيد پريل شاھہ گاديءَ تي ويٺو، هي پنهنجن وڏن وانگر فيض وارو ٿي گذريو آهي. پريل شاھہ کانپوءِ پيريءَ جي گادي سيد گنبل شاھہ جي ڀاڻيجي سيد عبدالله پريل شاھہ وسائي هن وقت هن گاديءَ جو سجادہ نشين، سيد عبدالله شاھہ جو فرزند سيد علي شاھہ آهي، سندس عمر 80 سالن کان مٿي ٿيندي. هي هر دل عزيز، مهمان نواز ۽ سٺو شاعر بہ آهي.