چوڏهن معصوم: اصل ۾ ’چهارده معصومين عليهم السلام‘ کي سنڌيءَ ۾ ’چوڏهن معصوم‘ چوندا آهن. چوڏهن معصومن مان مراد سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم، حضرت علي عليہ السلام، حضرتَ بيـبـي فـاطـمـة الـزهـريٰ رضي الله عنه، حـضـرت امـام حـسـن رضي الله عنه، امـام حـسـيـن رضي الله عنه، امـام زين العابدين رضي الله عنه، امام محمد باقررضي الله عنه، امام جعفر صادقرضي الله عنه، امام موسيٰ ڪاظم رضي الله عنه، امام موسيٰ الرضا رضي الله عنه، امام محمد تقي رضي الله عنه، امام علي نقي رضي الله عنه، امام حسن عسڪري رضي الله عنه ۽ امام مهدي رضي الله عنه آهن. چوڏهن معصومن جي سوانح حيات تي لاتعداد ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، پر تازو ايران جي شھر قم جي هڪ ديني مڪتب ’مجمع جهاني اهلبيت‘ مان چوڏهن جلدن ۾ چوڏهن معصومين تي هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ بابت بہ ڪافي مواد موجود آهي. ڪتاب ۾ اهو بہ ڄاڻايل آهي تہ حضرت امام حسين رضي الله عنه ۽ امام زين العابدين رضي الله عنه جون گهر واريون سنڌياڻيون هيون. امام جعفر صادق رضي الله عنه جي نامور چئن سنڌي اصحابن جو بہ تفصيلي ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ان سان گڏ امام موسيٰ الرضا رضي الله عنه جو سنڌ مان آيل هڪ عقيدتمند سان سنڌي ٻوليءَ ۾ڳالهائڻ جو تذڪرو بہ ٿيل آهي.