چوڏول

چوڏول: چئن پينگهن سان هيٺ مٿي ڦرندڙ پينگهہ کي چوڏول/ چوڏيل چئبو آهي. اهڙي چوڏول يا چوڏيل شهرن ۾ ميلن جي موقعي تي لڳايا ويندا آهن، جن ۾ ٻار چڙهندا آهن. هاڻي تہ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ اليڪٽرڪ تي هلندڙ مختلف قسمن جا تيز رفتار چوڏيل استعمال ٿين ٿا. ڪراچيءَ جي مختلف وڏن پارڪن ۽ حيدرآباد جي راڻي باغ ان قسم جا چوڏيل ڏسي سگهجن ٿا.
- اهـڙي وڏي ڏولـي، جنـهن کـي چـار حـمـال ڪـلهـن تي کڻندا آهن، ان کي چوڏيل چوندا آهن. ان کي چوڏيل چوندا آهن.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي رسالي جي سُر سورٺ ۾ بہ چوڏول جو ذڪر ڪيو آهي:
آءُ مَٿاهُون مَڱڻا، چَڙهِي ۾ چَوڏولَ،
تو کي گهوٽَ گهُرائِيو راجا منجهہ رَتولَ،
ٻِيجَلَ تو سِين ٻَولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻَ جا.
(حوالو: بلوچ، ڊاڪٽر، شاھہ جو سڄو سربستو صحيح رسالو، ص: 408)


لفظ چوڏولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو