چوکنڊي قبرستان

چوکنڊي قبرستان

چوکنڊي قبرستان

چوکنڊي قبرستان

چوکنڊي قبرستان

چوکنڊي قبرستان: چوکنڊيءَ جو قبرستان ڪراچي ضلعي جي اوڀر ۾ قائدآباد کان 7 ڪلوميٽرن مفاصلي تي ديهه ڪانٽي ۾ نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان دائود شوري ڳوٺ وٽ آهي. ثقافت کاتي طرفان هن قبرستان تي ٻه بورڊ لڳايا ويا آهن، جن تي قبرستان بابت معلومات لکيل آهي. ان مان پتو پوي ٿو ته هيءُ 600 سال پراڻو قبرستان آهي، جنهن جي ايراضي 65 ايڪڙن تائين پکڙيل آهي. هن قبرستان جي باري ۾ مختلف رايا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هي قبرستان جوکين جو آهي. ڪي چون ٿا ته ڪلمتين جو آهي. هتي جوکين، بلوچن ۽ شيخن جا نالا مقبرن/ چبوترن تي فارسي زبان ۾ اُڪريل هئا. مقام جو ڪافي حصو ته بلڊر مافيا جي نظر ٿي چڪو آهي۽ ڪيترا قيمتي پٿر چورائجي چڪا آهن، پر ان هوندي به هن مقام جا ڦٽل آثار اڃا تائين موجود آهن. هڪ رايو آهي ته هي قبرستان بلوچ قبيلي جو آهي. هن قبرستان وارن پٿرن بابت به مختلف رايا آهن. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اهو هيڊسرو پٿر مڪليءَ واري ٽڪريءَ جو آهي، جنهن جو سلسلو جنگشاهيءَ سان ملي ٿو. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو پٿر بلوچستان جو آهي. بهرحال ڏٺو وڃي ٿو ته مقبرن تي اُڪريل چٽساليءَ وارو طريقو سيوهڻ، ٺٽي، ميرپور ساڪري، سونڊا، گُجي، ملير، مڪلي، بلوچستان، مڪران ۽ لسٻيلي ۾ موجود تاريخي قبرن جهڙو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح هتي وقت به وقت ايندا رهن ٿا. انهن مستطيل قبرن تي موجود پٿرن تي مردن ۽ عورتن جو نشان اڪيرڻ لاءِ وڏي مهارت کان ڪم ورتو ويو آهي. مردن جي قبرن تي ڍالون، گھوڙا، تلوارون، ڪمان پاڳون ۽ عورتن جي قبرن تي ڀرت جا نمونا ۽ زيورن جون شڪليون ٺاهيون ويون آهن، سڀئي قبرون ترتيب وار طبقن تي مشتمل آهن، پري کان اُٺ سان مشابهت رکن ٿيون، سروي دوران ڏهاڪو کن قبرون اهڙيون مليون آهن، جن تي ڪلمو طيبه ۽ قرآني آيتون به لکيل نظر اچن ٿيون. 80 قبرن تي نالا به درج ٿيل آهن، جن ۾: بيبي سارا ٻائي زوجه ڄام مهر علي جوکيو (وفات 20 فبروري 936ع)، بيبي حاجاڻي زوجه ڄام بجار خان جوکيو (وفات جي تاريخ 5 مارچ 929ع)، ڄام بجار خان ولد ڄام مراد علي خان (929ع)، ڄام بجار خان ولد ڄام مراد علي خان (وفات 6 اپريل 933ع)، ڄام مريد بن حاجي، ميراڻ بن ڄام، رادو بن ڄام، دودو بن ڄام، مهر علي، قاسم بن ڄام مريد بن حاجي، سلفا بن ملڪ محمد، علي خان، عزت بن ملڪ سيندل خان، ڪلو بن ملڪ محمد علي خان، ملڪ محمد علي بن ڪلو، مبارڪ بن رادو ڪلمتي وغيره ملن ٿا. قديم آثارن واري کاتي جي لڳايل پابندين جي باوجود هن وقت به قبرستان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان کانسواءِ ڪي. ڊي. اي. جي. اسڪيم شاهه لطيف ٽائون ۾ آباد ٻين صوبن جا ماڻهو به هن قبرستان ۾ پوريا پيا وڃن. جنهنڪري ايندڙ ڏهن سالن ۾ هتي قبرستان جي آبادي حد کان ٽپي ويندي. قبرستان جي سار سنڀال نه هئڻ جي برابر آهي، جنهنڪري ڪيتريون تاريخي قبرون برباديءَ جو شڪار آهن. آلودگيءَ جي اثر ڪري هاڻي اڪثر قبرن تان چٽسالي ڳري رهي آهي. پيپلزپارٽيءَ جي گذريل دؤر ۾ چوکنڊي قبرستان جي حد اندر ملير پوليس هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو ويو. جنهن تي چار ديواري ۽ جڳهيون تعمير ٿي چڪيون آهن. اهڙا قبرستان سنڌ ۾ ٻين هنڌن تي به ڪيترا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي ۾ چوکنڊيون گهڻي تعداد ۾ ملن ٿيون.
چوکنڊي قبرستان تي 1920ع کان اڄ تائين ڪيترا ملڪي ۽ غير ملڪي محققن مقالا لکيا آهن، جن ۾ قبرن جي بناوت، نقاشيءَ ۽ مختلف اُڪريل شڪلين جي نمونن تي رائزني ڪيل آهي. ملير جي ماٿريءَ ۾ چوکنڊي طرز جا ٻه قبرستان آهن، جن مان هڪ کي ’جوکيا چوکنڊي‘ ۽ ٻئي کي ’بلوچ چوکنڊي‘ چيو وڃي ٿو. جوکيا چوکنڊي ملير شهر کان ساڍا ڇهه ميل پري قومي شاهراهه تي رزاق آباد لڳ کاٻي پاسي واقع آهي. چوکنڊي قبرستان جي الهندي حصي ۾ اعليٰ پٿر جي اڪر تي قبرون ٺهيل آهن، جيڪي آڳاٽي زماني سان تعلق رکن ٿيون. پٿراون تختن تي ماڻهن ۽ جانورن جون تصويرون اُڪريل آهن ۽ پراڻن قبيلن سان تعلق رکن ٿيون. جھڙوڪ: برفت، نومڙيا، ڪلمتي، جکرا، جوکيا، برهمڻ، جت، پليجا ۽ ڀورا وغيره. زياده تر قبرن جون لکڻيون دفن ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪن ٿيون، جهڙوڪ: ملڪ ڪمالو بن ڪلبو، ڪلبو بن مامولي (ڪلمتي) ڏيسر ولد بجار، بجار بن مهر علي (جوکيا) صرف هڪ قبر جنهن تي تاريخ درج آهي. اها يعقوب علي خان پٽ چاڪر، پٽ ميرڻ جي آهي، جنهن 1169هه/ 1755ع ۾ وفات ڪئي هئي. قبرن تي اڪريل نالا ٺيٺ سنڌي آهن. انهن نالن ۾ ڪو به ٻاهريون عنصر موجود نه آهي. اهي نالا جھڙوڪ: مکڻ، ڪوڙو، ڀلي ڏنو، ملهه، ورايو ۽ ماڻڪ وغيره اڄ تائين رکيا وڃن ٿا. چوکنڊي جو مطلب آهي چار ٿنڀ، جيڪي قبرن ڇٽي نما گنبذ کي ٽيڪ ڏين ٿا. چوکنڊي جون قبرون پيلي رنگ جي پٿرن مان ٺهيل آهن. قبرن جي سڀني تختن تي خوبصورت گل ڦل ۽ شڪليون ٺهيل آهن، ڪن حالتن ۾ هڪ ئي چبوتري تي ٻن کان پنجن تائين قبرون به آهن. پير پرهار شيخ فقير جي درگاهه چوکنڊي قبرستان ۾ هڪ اڱڻ جي اندر چئن قبرن سان گڏ موجود آهي. هن قبر جي مٿان به چوکنڊي ٺهيل آهي. هنن قبرن مٿان شڪلين جي بجاءِ ڪلمو طيبه لکيل آهي. هر سال 8 محرم جي رات کان 9 محرم جي شام تائين عقيدتمند هتي گھڻي تعداد ۾ اچي حاضري ڀريندا ۽ گُل ۽ پڙ وجھندا آهن. هن تربت جي مهاڙيءَ ۾ ڪتبو لکيل آهي، جنهن تي سيد پير پرهاررح اُڪريل آهي. ان جا جوکيا قبيلي جا ماڻهو مجاور آهن، جيڪي ڳوٺ موريو جوکيي، ديهه ڪاٺوڙ جا ويٺل آهن. چوکنڊي قبرستان ۾ 9 قبرون اهڙن ماڻهن جون آهن، جن کي آري شيخ چيو وڃي ٿو. چون ٿا ته هي قلات کان آيا هئا ۽ سندن اولاد اڄ به لسٻيلي ۾ موجود آهي. مزار سان لڳ ٻي قبر آهي، جيڪا هن جي گھر واري جي چئي وڃي ٿي. ذڪر ڪيل چوکنڊيءَ مان ڪجهه فوتين جا نالا نور محمد ولد مبارڪ، سامارو ولد سانوڻ ۽ ساجد بابا ٻڌايا وڃن ٿا. چوکنڊي قبرستان جي الهندي حصي ۾ هڪ چبوتري تي ٺهيل هڪ قبر مائي کنڊيءَ جي آهي، جنهن جي ساڄي ۽ کاٻي ٻن ٻارن جون قبرون آهن.
مير علي شير قانع، يوسف ميرڪ، سرچارلس نيپيئر، مرزا قليچ بيگ، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ماسٽر محمد حسين جوکيي، سيٺ نائومل هوتچند، خورشيد حسن، مير طاهر سياني، ناظم حسين، مولائي شيدائي، غلام رسول مهر، علي محمد جوکيي، پروفيسر ايس. پي ڇٻلاڻي، ڪليم الله لاشاري، سر جون وليم، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، مسٽر فريئر ۽ ڪيپٽن پريڊي سميت ويهن کان مٿي ملڪي ۽ غير ملڪي محققن هن قسم جي پٿرائين چوکنڊي قبرستانن جي باري ۾ تحقيق ڪئي آهي.
1413 کان 1428ع تائين سنڌ ۾ سما خاندان جي حاڪم ڄام فتح خان جي حڪومت هئي، گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو. ان دؤر ۾ ميرڻ پُٽ حاجي جوکيي کي سرڪاري طور ڄام جو لقب ڏيئي جوکيا قبيلي جو سردار مقرر ڪيو ويو هو. ٿوري عرصي کانپوءِ ڄام ميرڻ وفات ڪري ويو، جنهن کي وڏي اهتمام سان موجوده چوکنڊي قبرستان ۾ دفنايو ويو. اهڙيءَ طرح جوکين پنهنجي پهرئين سردار ڄام ميرڻ بن حاجي کي دفنائڻ سان هن قبرستان کي پنهنجي ميتن جي مدفن گاهه طور ڪم آندو، هن قبرستان جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته مقبرن تي پٿر جي تمام سهڻي چٽسالي ٿيل آهي، عورتن جي قبرن تي عورتاڻا زيور ۽ مردن جي قبرن تي گهوڙا ۽ پراڻي وقت ڪم ايندڙ جنگي هٿيار اُڪريل آهن، جن کي ڏسندي ئي ڀٽائيءَ جون هي سٽون بي اختيار زبان تي اچي وينديون آهن:
گهــوڙن ۽ گهــوٽـن جيــئـڻ ٿــورا ڏينـهـڙا،
ڪڏهن قابو منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
اردو زبـان جـي هـڪ مـحقـق حمـيـد نـاظـر ڪـافي وقت چوکنڊيءَ وارن جوکين متعلق کوجنا ڪندو رهيو. هن جوکيا قبيلي جي سردار ڄام مراد علي خان جوکيو صاحب وٽ موجود شجرن جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي هڪ ڪتاب ’وادي ملير‘ ۾ لکيو ته ڄام ميرڻ جوکيي 560 هجريءَ ڌاري سخي ڄام ڏاتار نواب شاهه عرف جرار جي گهر ۾ جنم ورتو هو. جوکيا بنيادي طور سما خاندان جي شاخ آهن، جوکئي کان 8 پيڙهيون پوئتي هي پليءَ جو اولاد آهن، واضح رهي ته اهو ئي پلي آهي، جنهن جي اولاد سمن ڄامن 1351ع کان 1520ع تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو هي هميشه سمن ڄامن جي ويجهو رهيا، انهن جي ويجهڙائپ جو ڏس ڏيندي محقق محمد حسن جوکئي لکيو آهي ته سما ڄامن جي آخري حڪمران شهزادن ڄامن صلاح الدين ۽ ڄام فيروز ۾ اختلاف جڏهن جنگي صورت اختيار ڪري ويا، تڏهن ڄام فيروز جي فوج جو سپهه سالار دولهه دريا خان ۽ ڄام صلاح الدين جي فوج جو اڳواڻ حاجي جوکيو هو. دولهه دريا خان جي گڏيل جنگي حڪمت عمليءَ سبب ڄام صلاح الدين ۽ حاجي جوکئي واري لشڪر کي شڪست ڏسڻي پئي ۽ حڪومت بدستور ڄام فيروز جي رهي، تان جو ارغونن سنڌ تي قبضو ڪيو، ساڳي ڪشمڪش واري صورتحال جي باري ۾ پروفيسر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز پاڻ ۾ ٺهي وڃن ها، پر بدقسمتيءَ سان حاجيءَ ان ٺاهه ۾ رنڊڪ پيدا ڪري ڇڏي هئي.
ارباب غلام رحيم جي دؤر ۾ چوکنڊي قبرستان ۽ ان جي زمين بچائڻ لاءِ هلايل تحريڪ ۾ سيد خدا ڏنو شاهه، حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، اڳوڻي صوبائي وزير حڪيم بلوچ، بن قاسم ٽائـون جـي نـاظـم جـان عـالـم، ڄاموٽ اختر عارفاڻي، مجاهد جوکيي ۽ ٻين ملير جي معززن عملي جدوجهد ڪئي.


لفظ چوکنڊي قبرستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو