چيرولي (معدنيات): معدنيات جو هڪ قسم (جيڪو جاين جي اڏاوت ۾ چن سان ملائي ڪم آڻبو آهي. سنڌ ۾ چيروليءَ جا ٽي قسم اڇو، ڳاڙهو ۽ ميرانجهڙو آهن. سنڌ جي ڪيترن هنڌن تان چيرولي جا تھہ لڌا آهن، جيئن دادو ضلعي ۾ ڪوٽڙي، ٿاڻي بولا خان، جهمپير، ميٽنگ ۽ جهرڪن جي آسپاس ۽ پٻ جبل مان چيرولي ملندي آهي. هي معدنيات غير شفاف ۽ شيشي جي ٿلهن چاپڙن وانگر جابلو ايراضيءَ مان ملندي آهي. چيرولي جا تھہ ابرق وانگر ٿيندا آهن.