چيزل شاهه

چيزل شاهه

چيزل شاھہ

چيزل شاھہ: مشھور صوفي ۽ ڪافي گو شاعر سيد چيزل شاھہ پنھنجي وقت جي وڏي صوفي شاعر سيد رکيل شاھہ جو فرزند هو. سيد چيزل شاھہ بلوچستان جي ڳوٺ فتح پور تعلقي گنداواھہ ۾ 1332ھہ مطابق 1914ع ۾ ڄائو. سندس ڏاڏنگ مان سيد عبدالغني ’سوا ڪيري‘ وارو بہ وڏو صاحب ولايت بزرگ ٿي گذريو آهي. سيد رکيل شاھہ پنھنجي فرزند سيد چيزل شاھہ کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مولوي استاد پير بخش شاھہ وٽ ڇڏيو، جتي هن ديني تعليم، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. جڏهن سيد چيزل شاھہ جي عمر چوڏهن سال ٿي تہ سندس شادي پنھنجي ڏاڏنگ مان ڪرائي وئي. ٻي شادي جيڪب آباد جي بخاري ساداتن مان ڪيائين. کيس ٽن پُٽن: سيد صادق شاھہ، سيد نياز حسين شاھہ عرف حيدر شاھہ ۽ سيد رکيل شاه عرف علي اڪبر شاھہ جو اولاد ٿيو.
سيد چيزل شاھہ ننڍپڻ کان وٺي صوفي شاھہ عنايت شھيد جهوڪ واري جي درگاھہ تي پيءُ سان گڏ حاضريون ڀريندو هو ۽ سندس شاھہ شھيد جي سلسلي جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. هن 21 سالن جي عمر ۾ پنھنجي پيءُ جي هٿ تي بيعت ڪري صوفي طريقي جي راھہ اختيار ڪئي ۽ پيءُ جي پيرويءَ ۾ درگاھہ جهوڪ شريف جي طالبيءَ ۾ رهيو. سيد رکيل شاھہ صوفيءَ جي لاڏاڻي بعد صوفي چيزل شاھہ سجادہ نشين ٿيو. چيزل شاھہ درگاھہ رکيل شاھہ فتح پور ۾ ذڪر ۽ فڪر کان سواءِ ننگر جو بہ بندوبست ڪندو هو. سندس سڄي زندگي هڪ سچي صوفيءَ جو مثال هئي. سادي زندگي بسر ڪندو هو. ننڍن ۽ وڏن سان عزت سان هلندو هو. ڪو بہ ماڻهو وٽس ايندو هو تہ ان جي مراد پوري ڪندو هو. ماڻهن جي عيب ثواب ڏي نہ نهاريندو هو. ڏينهن ۾ ٽي ڪچهريون ڪندو هو ۽ صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏُک سور معلوم ڪندو هو. منجهند جو عالمن سان ڪچهري ڪندو هو. شام جو فيصلا ۽ نبيرا ڪندو هو، جڏهن تہ رات جو مانيءَ کان پوءِ فقيرن سان ڪچهري ڪندو هو. ان بعد محفل سماع ٿيندي هئي. هن صوفي شاعر جي ڪلام ۾ تصوف ۽ عشق جا راز ۽ رمزون بيان ٿيل آهن. محبت جي مهراڻ جون ڇوليون ۽ صوفياڻيون صدائون آهن. سيد چيزل شاھہ جي ڪلام ۾ قرباني، محبت ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو. سيد چيزل شاھہ پنھنجي ڪلام ۾ ڪٿي منصور، سرمد، شاھہ عنايت، سچل فقير، روحل فقير ۽ سيد رکيل شاھہ وانگر دم هڻي ٿو تہ ڪٿي شاھہ ڀٽائي، ڪبير ڀڳت، گرونانڪ ۽ ساميءَ وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو. ڪٿي وري رومي، جامي ۽ سعديءَ وانگر طالب ٿي، زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو. سندس ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي.
سيد چيزل شاھہ، 15 شعبان 1404ھہ/ 1984ع تي وفات ڪئي. کيس فتح پور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. ’بحر العميق‘ جي نالي سان سندس شاعريءَ جي ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. تازو ڇاپو حڪيم اعجاز حسين چانڊيي جو ترتيب ڏنل ’بحر العميق‘ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي.


لفظ چيزل شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1404.08.15  هجري

سيد چيزل شاهه، 15 شعبان 1404هه/ 1984ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رشيد احمد لاشاري
صمد حسين رضوي
فتح فقير
احمد رضا
زنگيجو خدا بخش فقير
غلام شاھہ سيد
زبيدہ ميتلو
راهي رسول بخش
شاهن باڊاهي
عـلـي رضا عمراڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون