
چيلاسنگهه سيتل داس ڪاليج
چيلاسنگهہ سيتل داس ڪاليج (C & S College): سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان پوءِ ۽ جديد سنڌي لپيءَ جي تشڪيل بعد سنڌ ۾ تعليمي انقلاب جون نيون راهون روشن ٿيون. اَپر سنڌ جي شھر شڪارپور ۾ ڪيتريون اهڙيون علمي شخصيتون موجود هيون، جن پنھنجي ڄاڻ ۽ ڏاهپ سان سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو ۽ ڪيترا تعليمي ادارا قائم ڪيا. انهن تعليمي ادارن ۾ چيلاسنگهہ سيتل داس (سي اينڊ ايس) ڪاليج شڪارپور جو اهم ڪردار آهي. جنهن جي سونهري تاريخ تي سنڌ تي سدائين فخر ڪندو. هن ڪاليج جو سمورو ڪريڊٽ سيٺ سيتل داس تيرٿ داس پنجابيءَ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اهڙي شاندار ڪاليج کي برپا ڪرڻ لاءِ تصور پيش ڪري، عملي قدم کنيا. هن 1926ع کان پنھنجي سپني کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي، ۽ 1927ع ۾ اَپر سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن رجسٽر ڪرائي. ساڻس هن علمي ڪم ۾ مسٽر ٺاڪر داس، نارائڻ داس (جج)، سيٺ چيلاسنگهہ سترامداس ۽ پروفيسر شيوارام ڀيرواڻيءَ کان سواءِ سيٺ دولترام، سيٺ شولداس، ڊاڪٽر ڀڳوان داس، ڊاڪٽر ڪشنچند، ديوان واڌو مل گوڪلاڻي ۽ ڦٻو مل جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن سڀني جي ڪوششن سان 17 جولاءِ 1933ع تي ڪاليج جو افتتاح ٿيو، جيڪو ايڇ. ٽي. سورلي ڪيو، جڏهن تہ اصل ۾ هن ڪاليج جو افتتاح ميران اسڪول حيدرآباد جي باني، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ کي ڪرڻو هو، جيڪو بيماريءَ سبب پهچي نہ سگهيو. افتتاحي تقرير ديوان ڀوجسنگهہ ڪئي. هن ڪاليج جي قيام لاءِ ابتدائي طور سيٺ سيتلداس 25000 روپيا گڏ ڪيا، جڏهن تہ شڪارپور ۾ سخي شخص سيٺ چيلاسنگهہ سترام داس 65000 روپيا ڏان ۾ ڏنا. نتيجي طور هنن ٻنهي شخصيتن جي مڃتا طور ڪاليج جو نالو ’چيلاسنگهہ اينڊ سيتل داس ڪاليج‘ (سي. اينڊ ايس. ڪاليج) رکيو ويو. سکر جي تڏهوڪي ڪليڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي، پنھنجي صدارتي تقريب ۾ ڪاليج جي بانين جي ڪوششن کي ساراهيو. ’چيلاسنگهہ ۽ سيتلداس ڪاليج‘ 1937ع ۾ پراڻي ميونسپل بلڊنگ مان نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو، جيڪا قومي شاهراھہ تي جُڙي راس ٿي هئي. هن ڪاليج جو سنڌ جي علمي ادبي تاريخ ۽ تعليمي سجاڳيءَ ۾ وڏو حصو آهي. جنهن ۾ تعليم جي جديد طريقن کي اختيار ڪيو ويو. سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن هن ڪاليج مان تعليم پرائي.
1933.07.17 عيسوي
هن علمي ڪم ۾ مسٽر ٺاڪر داس، نارائڻ داس (جج)، سيٺ چيلاسنگهه سترامداس ۽ پروفيسر شيوارام ڀيرواڻيءَ کان سواءِ سيٺ دولترام، سيٺ شولداس، ڊاڪٽر ڀڳوان داس، ڊاڪٽر ڪشنچند، ديوان واڌو مل گوڪلاڻي ۽ ڦٻو مل جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن سڀني جي ڪوششن سان 17 جولاءِ 1933ع تي ڪاليج جو افتتاح ٿيو،